آمريڪا جو مسلمانن سان يڪجهتي طور وڏو قدم…!

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چين ۾ ايغور مسلم اقليت سان خراب ورتاءَ سبب چين جي 28 سرڪاري تنظيمن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

آمريڪا جا واپار بابت وزير ولبر روس واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا چين ۾ ايغور نسلي اقليت تي جبر کي برداشت نه ڪندو، جن چيني ادارن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لڳايون ويون آهن، اهي هاڻ ڪا آمريڪي شئي خريد نه ڪري سگهنديون.

آمريڪا طرفان پابندي مڙهيل انهن چيني تنظيمن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ ويڊيو نگراني لاءِ اوزار تيار ڪرڻ ۽ هٿرادو ذهانت ۾ مهارت رکندڙ چيني فرمين به شامل آهن.

ولبر روس پابندين جي وضاحت ڪندي چيو ته آمريڪا ڪنهن کي اهڙي ٽيڪنالاجي فراهم نه ڪندو، جيڪا بس وس اقليتن جي استحصال لاءِ استعمال ٿي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.