آمريڪي فوج اسان لاءِ ”خطرو“  نه پر ”هدف“ آهي: ايراني ڪمانڊر

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني فوج جي ڪمانڊر چيو آهي ته آمريڪي فوج جي نار وارن ملڪن ۾ موجودگي اسان لاءِ ڌمڪي يا خطرو نه پر اسان جو هدف آهي جنهن کي اسان آساني سان نشانو بڻائي سگهون ٿا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب پاسداران انقلاب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته قطر ۾ آمريڪي سامونڊي ٻيڙي ۽ جيٽ فائيٽر بي -52 جهازن جي موجودگي ايران لاءِ خطرو نه پر هدف آهي جنهن کي اسان سولائي سان نشانو بڻائي سگهون ٿا.

پاسداران انقلاب طرفان بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا پنهنجي جيٽ فائيٽر جهاز بي -52 پنهنجي فوجي ڪئمپ منتقل ڪيا ۽ جهاز بردار هڪ سامونڊي ٻيڙو  به قطر لاءِ روانو ڪيو آهي. آمريڪا اهڙو قدم ايران طرفان عالمي ايٽمي معاهدي جي ڪجهه شقن تان هٿ کڻڻ بعد کنيو آهي.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب نار وارن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ گذريل ڏينهن آبنائي هرمز ويجهو گڏيل عرب رياستن جي بندرگاهه الفجيرا تي ٻن تيل بردار سامونڊي جهازن تي حملو ڪيو ويو، پر حملي آورن بابت پتو نه پئجي سگهيو آهي. ايران ڪيئي ڀيرا آبنائي هرمز کي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي.

You might also like