ٻڌڻ کان محروم ماڻهن لاءِ گوگل لائيو ڪيپشن

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) جيتوڻيڪ ڪيترائي اسٽنٽ منظر عام تي اچي چڪا آهن جيڪي ويڊيوز ۾ ڳالهايا ويندڙ لفظن کي ڪيپشن جي صورت ۾ لائيو ظاهر ڪندا آهن پر گوگل آءِ 2019ع انهن سڀني کان اڳتي نڪري ويو آهي.

لائيو ڪيپشن نالي فيچر تحت ٻڌڻ کان محروم يا تيز ٻڌندڙ ماڻهو ڳالهايا ويندڙ لفظن کي اسڪرين تي ڏسي سگھن ٿا. اهو فيچر فوري طور تي انهن لفطن کي پڪڙيندو آهي جيڪي ويڊيو ڪال ۾ ڳالهايا وڃن يا وري ڪنهن فلم ۾ چيا پيا وڃن. ايتري تائين جو اهو انسٽاگرام اسٽوري کي به حقيقي وقت ۾ ئي ڏسي سگھجي ٿو.

جڏهن ان  جو ڊيمو سافٽ ويئر ماڻهن کي ڏيکاريو ويو ته بڌڻ کان محروم ماڻهن يوٽيوب، پوڊڪاسٽ ۽ گوگل ڊواو تي لائيو ويڊيو ڪال جا ڪيپشن به پڙهيا. سٺي ڳالهه اها آهي  ته ان کي هلائڻ لاءِ انٽرنيٽ جي ضرورت ناهي رهندي ۽ رڳو 80 ايم بي جي جڳهه والارڻ کان پوءِ سافٽ ويئر پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي. انسٽاليشن کان پوءِ آواز جي مينو وٽ هڪ بٽڻ سان لائيو ڪيپشن آن ٿي ويندو آهي.

جيتوڻيڪ اها هڪ سٺي ڪوشش آهي پر اها سهولت بلڪل مفت موجود نه هوندي ۽ طاقتور پروسيسر وارو اينڊرائڊ فون گھربل هوندو. گوگل سان واسطو رکندڙ ماهر ۽ ترجمان برائن ڪيملر چيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين ئي “لائيو ڪيپشن” کي پيش ڪيو ويندو. پر گوگل چيو ته ان ڪري سٺي معيار جي ايڊروئڊ فون گھربل هوندي جن ۾ اسٽوريج ۽ ميموري گھڻي هجي.

You might also like