پريانڪا چوپڙا کي عهدي تان هٽائڻ واري مطالبي تي گڏيل قومن جو رد عمل…..!

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا کي خير سگالي واري سفير جي عهدي تان هٽائڻ واري مطالبي تي آخر ڪار گڏيل قومن پنهنجو بيان جاري ڪري ڇڏيو.

گڏيل قومن جي ترجمان جو پنهنجي بيان ۾ پريانڪا چوپڙا جي خلاف سامهون ايندڙ مطالبي تي چوڻ هو ته اداڪارا ذاتي حيثيت ۾ ڪو به بيان نٿي ڏئي سگهي.

گڏيل قومن جو چوڻ هو ته پريانڪا چوپڙا جو بيان ذاتي هو پر تنظيم کي اِها اميد آهي ته اداڪارا جڏهن به خير سگالي واري سفير طور ڳالهائيندي ته غير جانبداري جو مظاهرو ڪندي.

خيال رهي ته پاڪستان جي انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري ڪجهه ڏينهن اڳ گڏيل قومن جي چلڊرنز فنڊ يونيسيف جي سربراهه کي خط لکي ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا طرفان جنگ جي حمايت ۾ ڏنل بيان تي کيس سفير جي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like