اوبر واهپيدارن کي هوائي سفر جي سهولت به ڏئي ڇڏي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان هيلي ڪاپٽر جي هڪ جاءِ کان جاءِ رائيڊ شيئرنگ سروس ذريعي وڃڻ پسند ڪندئو؟

جيڪڏهن ها ته نيويارڪ ۾ اوبر پهريون ڀيرو هيلي ڪاپٽر سروس متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جيڪا مين هيٽن کان جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تائين 200 ڊالرن عيوض کڻي وڃي ٿي.

اوبر

ان کي اوبر ڪاپٽر جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو هاڻ رائيڊ شيئرنگ ايپ جي سمورن واهپيدارن لاءِ دستياب آهي، ان کان اڳ اها سروس رڳو پريميئر واهپيدارن لاءِ ئي دستياب هئي.

7 آڪٽوبر کان ان سروس جي شروعات ٿي رهي آهي جنهن لاءِ في فرد 200 کان 225 ڊالر ڏيندو.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان سروس جو مقصد سفر جي وقت کي گھٽ ڪرڻ آهي پر هڪ پرڏيهي خابرو اداري جي ليکڪ موجب مڊ ٽائون آفيس کان ايئرپورٽ پهچڻ تائين 70 منٽ لڳي ويندا آهن، جنهن دوران هڪ سب وي رائيڊ ۽ هيلي ڪاپٽر تائين ۽ ايئرپورٽ مان نڪرڻ لاءِ 2  اوبر رائيڊز به وٺڻيون پونديون آهن.

اوبر

۽ اهو وقت ايترو آهي جيترو هڪ ٽيڪسي عام ٽريفڪ ۾ منزل تائين پهچائڻ لاءِ لڳائيندي آهي.

ان سروس جي شروعات جون ۾ پلاٽينيئم ۽ ڊائمنڊ واهپيدارن لاءِ ٿي هئي ۽ هڪ هيلي ڪاپٽر ۾ 5 ڄڻا سفر ڪري سگھن ٿا جيڪي پاڻ سان گڏ هڪ بيگ ۽ هينڊ بيگ يا ليپ ٽاپ ڪيس کڻي وڃي سگھن ٿا.

سروس استعمال ڪندڙ هر  مسافر کي هڪ سيفٽي ويڊيو به ٽيڪ آف کان اڳ ڏيکارڻ ضروري آهي ۽ هيلي ڪاپٽر تي ويهڻ کان پوءِ ايئرپورٽ ۾ پهچڻ لاءِ 8 منٽن جو وقت لڳي ٿو.

ان کان اڳ هلندڙ سال ان ڪمپني آسٽريليا ۾ رائيڊ شيئرنگ سب ميرين جي سهولت به معتارف ڪرائي هئي.

اوبر ڪوئنزلينڊ، آسٽريليا جي ڀائيواري سان آبدوز جي سهولت پيش ڪئي هئي ۽ عام اوبر ايپ جي مدد سان سب ميرين کي طلب ڪري سگھبو هو.

اها سروس رڳو 4 هفتن لاءِ هئي.

هڪ ڪلاڪ جي رائونڊ ٽرپ رائيڊ جي شروعات ڪوئنزلينڊ جي مختلف شهرن کان ٿي ۽ ان سروس کي استعمال ڪندڙ کي پنهنجي منزل جو پتو گريٽ بيريئر ريف جي طور تي اينٽري ڪرڻو پوندو هو، جنهن کان پوءِ اوبر آپريٽر طرفان ڪال ڪري تصديق ڪئي ويندي ته اها غير معمولي رائيڊ غلطي سان ته بڪ ناهي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.