اوبر هيلي ڪاپٽر سروس جو آغاز ڪري ڇڏيو

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) عالمي آن لائن ٽيڪسي سروس اوبر نيويارڪ ۾ هيلي ڪاپٽر سروس جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي.

نيويارڪ کان شروع ٿيندڙ ان هيلي ڪاپٽر سروس جي پهرين رائيڊ هٽن کان اڏام ڪئي ۽ ڪوئنز ۾ قائم جان ايف ڪينيڊي ايئرپورٽ تي لٿي.

اوبر پنهنجي پلاٽينيم ۽ ڊائمنڊ واهپيدارن لاءِ شروع ڪيل ان سهولت جو ڀاڙو 200 کان 225 ڊالرن تائين رکيو آهي، هوائي اڏي تائين رائيڊ اٽڪل 8 منٽن جي هوندي.

اوبر جي نئين هوائي سروس سان صارفين کي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ کان به ڇٽڪارو ملي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.