گڏيل عرب رياستن جي چئن سامونڊي جهازن کي …… خبر پڙهندا

ابوظهبي ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل عرب رياستن جي اوڀرندي سمنڊ ۾ چئن واپاري سامونڊي جهازن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.  گڏيل عرب رياستن جي پرڏيهي وزير جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سامونڊي جهاز نار ۽ اومان ۾ اوڀرندي بندرگاهه Fujairahويجهو هئا.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل يو اي ايِ مقامي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي.  جڏهن ته اختيارين سامونڊي جهازن کي نقصان پهچائڻ جي نوعيت يا ان جي ذميوارن بابت تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نار ملڪن جي سهڪار ڪائونسل گڏيل عرب رياستن جي سامونڊي حدن ويجهو واپاري سامونڊي جهازن کي نقصان پهچائڻ جي ڪارروائي جي مذمت ڪئي آهي.

نار ملڪن جي سهڪار ڪائونسل جي جنرل سيڪريٽري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اهڙي ڪارروائي سان علائقائي ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيندي ۽ عوام جي مفاد خطري ۾ پئجي ويندا.

You might also like