مسلم اقليت تي ڏاڍ، آمريڪا جون چيني ادارن کانپوءِ آفيسرن تي به پابنديون

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا چيني صوبي سنڪيانگ ۾ ايغور مسلم اقليت جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙين تي چين جي ڪيترن ئي سرڪاري اهلڪارن تي سفري پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مائيڪ پومپيو سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي چيو ته چين سنڪيانگ مان مذهب ۽ ثقافت مِٽائڻ لاءِ جبر ۽ منظم مهم تحت 10 لک کان وڌيڪ مسلمانن کي قيد ڪري رکيو آهي.

سندس چوڻ هو ته چين کي پنهنجي سخت نگراني ۽ جبر ختم ڪري زبردستي حراست ۾ ورتل سڀني مسلمانن کي رها ڪرڻو پوندو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: آمريڪا جو مسلمانن سان يڪجهتي طور وڏو قدم…!

مائيڪ پومپيو پنهنجي ان بيان ۾ انهن چيني آفيسرن جا نالا ظاهر نه ڪيا، جن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن.

ان کان اڳ آمريڪا جي واپار واري کاتي طرفان چين جا 28 سرڪاري ۽ ڪاروباري ادارن کي پڻ بليڪ لسٽ ڪيو ويو هو.

آمريڪا جي واپار بابت وزير ولبر روس گذريل ڏينهن واشنگٽن ۾ ڳالهائيندي چيو هو ته آمريڪا چين ۾ ايغور نسلي اقليت تي جبر کي برداشت نه ڪندو، جن چيني ادارن ۽ ڪمپنين تي پابنديون لڳايون ويون آهن، اهي هاڻ ڪا آمريڪي شئي خريد نه ڪري سگهنديون.

آمريڪا طرفان پابندي مڙهيل انهن چيني تنظيمن ۽ ڪاروباري ادارن ۾ ويڊيو نگراني لاءِ اوزار تيار ڪرڻ ۽ هٿرادو ذهانت ۾ مهارت رکندڙ چيني فرمين به شامل آهن.

ولبر روس پابندين جي وضاحت ڪندي چيو هو ته آمريڪا ڪنهن کي اهڙي ٽيڪنالاجي فراهم نه ڪندو، جيڪا بس وس اقليتن جي استحصال لاءِ استعمال ٿي سگهي.

هوڏانهن بيجنگ حڪومت اهڙين پابندين کي عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي جو نالو ڏنو آهي، جڏهن ته واشنگٽن حڪومت جي اهڙن قدمن کانپوءِ چين پڻ آمريڪا تي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جا الزام هنيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.