ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، 2 ڄڻا مارجي ويا

 

ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) ڊيراسماعيل خان درابن ۾ پوليس چيڪ پوسٽ تي هٿياربندن جي حملي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.

ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي درابن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي وچولي رات جو دهشتگردن درانزندا موڙ تي موجود پوليس چيڪ پوسٽ تي مختلف رخن ڏانهن حملو ڪيو.

پوليس جي جوابي فائرنگ تي هٿياربند فرار ٿي ويا پر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ويجهي پمپ جو سيڪيورٽي گارڊ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو جڏهن ته 2 ملازم سميع ، پير محمد ۽ مسافر ڪوچ جو ڪنڊڪٽر بنگلو خان زخمي ٿي پيا.

جنهن کان پوءِ مارجي ويل گارڊ ۽ زخمين کي فوري طور تي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سميع زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته پير محمد ۽ بنگلو بنگلو خان علاج هيٺ آهن.

پوليس ذريعن موجب پوليس چيڪ پوسٽ تي حملي لاءِ دهشتگرد موٽرسائيڪلن تي آيا هئا ۽ انهن جو انگ 8 هيو. واقعي کان پوءِ ڊويزن درازنده ۾ ناڪا بندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته جابلو رستن تي به پوليس مقرر ڪئي وئي آهي.