حيدرآباد: سيشن ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه ڀائر قتل

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) حيدرآباد سيشن ڪورٽ ٻاهران هٿياربندن  فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي  قتل  ڪري ڇڏيو.

حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ٻاهران ۽ ايس ايس پي آفيس ڀرسان هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن معشوق علي ۽ علي محمد حاجاڻو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سجاول علي زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس ۽ وارثن  لاشن ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو  جتان لاش  پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

 زخمي سجاول جو چوڻ آهي ته صبح جو سيشن ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ هو آيل هئا.

هن چيو تھ  پراڻي دشمني واري ڪيس ۾ ڪورٽ آياسين ته  مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه ڀائر معشوق علي ۽ علي محمد قتل ٿي ويا.

سندس چوڻ هو تھ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو ٿيو هو، جنهن ۾ هن وقت تائين 3 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارن جي ڳالهه تان ٿيل پراڻي جهيڙي سبب هٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

You might also like