طوفان “ وايو “ جي رفتار سست، ڪراچي کان 410 ڪلوميٽر پري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سامونڊي طوفان ” وايو “ پنهنجي آخري سفر ڏانهن روان دوان آهي، سائيڪلون جي رفتار ۾ انتهائي سستي آئي آهي پر ان جي شدت برقرار آهي.

 

ان ڏس ۾ چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ” وايو “ ڪراچي جي ڏکڻ کان 410 ڪلوميٽر پري آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون اڄ به بند رهنديون ۽ شهر اڄ به شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ آهي.

هن چيو ته سٺي ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي راڄڌاني ۾ اڄ هوا ۾ گهم جو تناسب گهٽ ٿيڻ سبب گرمي پد معمول کان وڌيڪ محسوس نه ڪيو ويندو.

 

چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز ٻڌايو ته سائيڪلون وايو جي رفتار ۾ انتهائي سستي آئي آهي پر ان جي شدت برقرار آهي، سامونڊي طوفان وايو ڪراچي کان 410 ڪلوميٽر پري آهي.

 

هن چيو ته سائيڪلون 4 کان 5 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اولهه ڏانهن وڌي رهيو آهي، سائيڪلون جو پاڪستان ڪنهن سامونڊي پٽي سان ٽڪرائڻ جو ڪو به امڪان ناهي.

 

چيف ميٽرولوجسٽ ٻڌايو ته ايندڙ ٻن ڏينهن دوران سائيڪلون سمنڊ ۾ ئي موجود رهندو، اهو طوفان سمنڊ ۾ ترسڻ کان پوءِ اتي ختم ٿي ويندو.  

 

هوڏانهن ڀارتي موسميات واري کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان وايو سبب گجرات ۾ ڪلهه صبح کان برسات جو سلسلو جاري آهي.

 

ڀارتي موسميات کاتي ٻڌايو ته گجرات ۾ اڃا به تيز برسات ۽ هوائن جو خطرو موجود آهي، جڏهن ته طوفان گجرات ۾ ڪا به وڏي تباهي ناهي مچائي.

 

ڀارتي ميڊيا موجب وايو طوفان کي نظر ۾ رکندي حفاظتي قدمن تحت ڪجهه ضلعن سميت ٻين سامونڊي ضلعن ۾ اسڪول اڄ به بند رهندا.

 

گجرات جي وڏي وزير وجي روپاني موجب طوفان سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي گهر واپسي جو فيصلو سڀاڻي تائين ڪيو ويندو.

 

You might also like