ٽڪ ٽاڪ ٻارن لاءِ خطرناڪ ٿي سگھي ٿو

بيجنگ/لنڊن (ويب ڊيسڪ) سوشل ميڊيا جي مشهور چيني ويڊيو ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ ۽ ان ۾ موجود پيغام موڪلڻ واري فيچر خلاف برطانيا جي انفارميشن ڪمشنر جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي.

بٽ ڊانس بيجنگ طرفان ٺاهيل ان ويڊيو ايپليڪيشن ۾ واهپيدار رڳو 15 سيڪنڊن جي ويڊيوپ اپلوڊ ڪري سگھن ٿا. اها ايپليڪيشن واهپيدار کي اپلوڊ ڪيل ويڊيو ۾ فلٽرز ۽ خاص قسم جا افيڪٽس فراهم ڪندو آهي.

 ان ايپليڪيشن جي حوالي سان هڪ تاثر قائم ٿي رهيو آهي ته ان جون ويڊيوزخ ٻارن تي خراب اثر وجهي رهيا آهن.

برطانيا جي انفارميشن ڪمشنر اليزڀيٿ ڊينهيم ڊيجيٽل، ثقافت، ميڊيا ۽ راندين جي هڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان ٻارن لاءِ ٽرانسپرينسي ٽولز ۽ ان ايپليڪيسن تي ٻار ڪهڙي قسم جون ويڊيوز ڏسي رهيا آهن ۽ ڊائونلوڊ ڪري رهيا آهن جو معائنو ڪري رهيا آهيون.

انفارميشن ڪمشنر جو چوڻ هو ته رڳو مارچ جي مهيني ۾ ٽڪ ٽاڪ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ ڀيرا ڊائونلوڊ ٿي آهي، جنهن جا هن وقت 5 ڪروڙن کان وڌيڪ ايڪٽو واهپيدار آهن جڏهن ته فيبروري مهيني ۾ 13 ورهين جي ننڍي عمر وارن ٻارن جي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ آمريڪا جي وفاقي واپاري ڪميشن (ايف ٽي سي) ٽڪ ٽاڪ تي 57 لک ڊالرن جو ڏنڊ لڳايو هو.