مان غريبن جو ريٿڪ روشن آهيان: ٽائيگر شروف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف پاڻ کي غريبن جو ريٿڪ روشن قرار ڏنو ۽ چيو ته هو ايندڙ فلم ۾ پنهنجي آئيڊيل اداڪار ريٿڪ روشن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بالي ووڊ فلم انڊسٽري ۾ جلد جڳهه ٺاهيندڙ مشهور اداڪار جيڪي شروف جو پٽ ٽائيگر شروف کي هن جي نئين فلم اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2، ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي مداحن طرفان ساراهيو پيو وڃي.

ٽائيگر شروف فلم جي ڪاميابي تي ملندڙ مبارڪن جي جواب ۾ چيو ته هن کي ان ڳالهه جي گھڻي خوشي ٿي آهي ته هو جلد انڊسٽري ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. هاڻي سندس کي ماڻهو ٽائيگر شراف طور سڃاڻيندا آهن جيڪي شروف جي پٽ طور نه.

ٽائيگر شراف انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته هو پنهنجي ايندڙ فلم ۾ بهترين اداڪار ريٿڪ روشن سان گڏ ڪم ڪندي نظر ايندو جڏهن ته ريٿڪ روشن سان گڏ ڪم ڪرڻ سندس لاءِ هڪ چيلينج آهي. ٽائيگر جو چوڻ هو ته ريٿڪ روشن هن جو آئيڊيل اداڪار آهي جنهن سان ڪم ڪرڻ جي خواهش سندس کي سدائين رهي آهي.

باغي اداڪار جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو پاڻ کي ”غريبن جو ريٿڪ روشن“ سمجهندو آهي.

You might also like