اٽڪل 1 هزار اينڊرائيڊ ايپليڪيشنز توهان جي اجازت بنا ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري رهيون آهن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) اينڊرائيڊ ايپس ۾ آئي ڏينهن جاسوس ۽ شڪي اپيليڪيشنز ۽ پروگرامن جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي، هاڻ خبر آئي آهي ته گوگل پلي اسٽور تي گهٽ ۾ گهٽ 1000 اهڙيون ايپس آهن جيڪي توهان جي ذاتي ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري رهيون آهن پوءِ ڀلي توهان اجازت ڏيو يا نه.

فيڊرل ٽريڊ ڪميشن جي ماتحت ڪم ڪندڙ اداري ”پرائيويسي ڪون“ چيو آهي ته گوگل پلي اسٽور تي 1،325 ايپس اهڙا ڪوڊ رکن ٿيون جيڪي واهپيدارن جي اجازت نه ملڻ باوجود به سندن ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري رهيون آهن. اهي ايپليڪيشنز واءِ فاءِ ۽ ميٽا ڊيٽا ذريعي واهپيدار جي سڃاڻپ ۽ هنڌ تائين پهچ حاصل ڪري سگهن ٿيون.

اداري جي سائنسدانن ڪل 88 هزار ايپس جو جائزو به ورتو آهي جن مان ڪيئي فون نمبر مان به ڊيٽا جي ڦرلٽ ڪري رهيون آهن.

ان ۾ تصوير شيئر ڪرڻ واري ويب سائيٽ شٽرفلائي به شامل آهي.  شٽر فلائي اجازت نه ملڻ باوجود جي پي ايس ذريعي واهپيدارن جي هنڌ ۽ ڊيٽا تائين پهچ حاصل ڪري رهي آهي.

رپورٽن موجب اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ايپليڪيشنز کي اجازت نه ملي ته اهي ڪنهن اهڙي ايپ جو حصو بڻجي وينديون آهن جن کي ڊيٽا ۽ تصويرن تائين پهچ جي اجازت ملي ويندي آهي ۽ ان کانپوءِ هو فون ۾ لڳي ايس ڊي ڪارڊ تائين جي ڊيٽا حاصل ڪري وٺنديون آهن.

ان رپورٽ کانپوءِ گوگل معمول موجب واعدو ڪيو آهي ته هو ڄاڻايل ايپليڪيشنز جو جائزو وٺندو ۽ اينڊرائيڊ سسٽمن ۾ وڌيڪ سخت قدم به کنيا ويندا.

 جيئن ته ڪجهه ايپس اسان کان اجازت طلب ڪنديون آهن ته هو ٻين پلٽ فارم کي ڏسڻ چاهن ٿيون جن ۾ گوگل ۽ فيسبڪ سرفهرست آهن.

پر ايپل جو معاملو مختلف آهي. پنهنجي نئين آءِ او ايس سسٽم ۾ سيڪيورٽي ايپ ڊيٽ کانپوءِ هاڻ ايپل پاڻ توهان کي آگاهه ڪندو ته ڪهڙي ايپ جي توهان تي نظر آهي ۽ ڪهڙي توهان پتو معلوم ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي.

You might also like