هي بجيٽ نه عوام جو رت چوسڻ جو نسخو آهي: مريم نواز

لاهور (م ڊ ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته نالائق وزيراعظم ۽ سندس جعلي حڪومت جيڪو وڻي ڪري، ن ليگ هر صورت ۾ عوام جو آواز بڻجندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ مريم نواز لکيو ته نالائق اعظم ۽ سندس جعلي حڪومت کي جيڪو وڻي ڪري وٺي، ن ليگ هر صورت ۾ عوام جو آواز بڻجندي، جيلون نه حمزا شهباز لاءِ نيون آهن نه ئي مسلم ليگ ن لاءِ، اسان ڊڪٽيٽرن جي ظلمن جو مقابلو ڪيو آهي، هيءَ ڀڳل ٽٽل، جعلي ۽ آخري ساهه کڻندڙ حڪومت ته آهي ئي واريءَ جي ڀت، مريم نواز چيو ته ڪٺ پتلي وزيراعظم جي اشارن تي نچندڙ نيب ظلم ۽ ناانصافي جون سڀ حدون اورانگهي چڪو آهي.

You might also like