معيشت جي بهتريءَ لاءِ سخت فيصلا ڪري رهيا آهيون: حفيظ شيخ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو آهي ته معيشت جي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪري رهيا آهيون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو ته ملڪي معيشت ۾ بهتري لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وياسين، سمجهڻ گهرجي ته جڏهن اها حڪومت آئي ته اسان جي اقتصادي صورتحال ڇا هئي، وزيراعظم جي هدايت تي معاشي ٽيم واپارين سان ملاقات ڪئي آهي.

هن چيو ته حالتون ڪرڻ بهتر لاءِ فيصلا ڪيا ويا، معيشت جي حوالي سان حالتون سٺيون ناهن، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان 6 ارب ڊالرن جو معاهدو ٿيو آهي.

سندس چوڻ هو ته واڌ جي شرح گهٽ ۽ مهانگائي وڌي رهي آهي، بجيٽ جي معاملي تي واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، معيشت جي بهتري لاءِ سخت فيصلا ڪيا پيا وڃن پر اسان معاشي استحڪام ڏانهن وڃي رهيا آهيون.

You might also like