فلم ”رانگ نمبر ٽو“ جو باڪس آفيس تي رڪارڊ بزنس

 

ڪراچي (شوبز نيوز) عيدالفطر تي رليز ٿيل پاڪستاني فلم “رانگ نمبر 2” کي ٽن ڏينهن اندر رڪارڊ ٽوڙ ڪمائي کانپوءِ برطانيا ۾ به رليز ڪيو ويو آهي.  فلم ڊسٽريبيوٽرز موجب پاڪستاني باڪس آفيس تي رانگ نمبر 2 ٽاپ پوزيشن تي آهي ۽ هن عيد تي گڏيل طور 6 ڪروڙ 75 لک ڪمائي ڪري ورتي آهي. پاڪستان ۾ شاندار شروعات کان پوءِ فلم برطانيا ۾ به نمائش لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.  فلم ”رانگ نمبر 2“ ياسر نواز جي 2015ع ۾ رليز ٿيل فلم رانگ نمبر جو سيڪوئل آهي ۽ ان ۾ مک ڪردار نيلم منير ۽ سميع خان ادا ڪيو آهي.  فلم “رانگ نمبر 2” جي سيڪوئل جي ڪهاڻي به انٽرٽيمنٽ، ڪاميڊي ۽ رومانوي تڙڪي سان ڀرپور  آهي.

You might also like