مختاران مائي ڪيس: ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ پنجائت جي حڪم تي گينگ ريپ جي متاثر مختاران مائي جي ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جي درخواست اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيلن طرفان التوا جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن تي وقتي چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد مختصر ٻڌڻي کان پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

2 مارچ 2019ع تي مختاران مائي جي پنچائت جي حڪم تي زيادتي جي معاملي تي نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي هئي.

You might also like