استاد بخاري هڪ مهان شاعر

آڪاش چانڊيو

دنيا جي نقشي تي سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي ڌرتي طور سڃاتي ويندي آهي، هن ڌرتيءَ اسان کي کوڙ ساريون شخصيتون ڏنيون آهن، جن مان سنڌ جو عظيم ڪوي استاد بخاري به هڪ آهي، استاد بخاري جو جنم دادو جي سيد گهراڻي ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو احمد شاهه هو، استاد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ غلام خان چانڊيو مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ 16 جنوري 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ايم اي جو امتحان پاس ڪيو ۽ پوءِ 1967ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڊگري ڪاليج ۾ استاد طور مقرر ٿيو، استاد بخاري لاڙڪاڻي، سانگهڙ، سيوهڻ جي ڪاليجن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ پوءِ دادو جي ڊگري ڪاليج ۾ پروفيسر طور مقرر ٿي رٽائرڊ ٿيو.

بخاري

استاد بخاري شاعري جي شروعات 1922ع ۾ ڪئي، تڏهن پنجين ڪلاس جو شاگرد هو، سندس ڏاهپ ۽ شاعري کي ڏسي استاد توڙي ڪلاس جا ساٿي کيس داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا، استاد بخاري 1950ع ۾ مشاعرن جي محفلن ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ لڳو ۽ استاد سنڌ جي گهٽي گهٽي، واهڻ واهڻ، وستي وستي ۽ شهر شهر ۾ عظيم شاعر جي حيثيت سان مشهور ٿيڻ لڳو، ڪجهه ئي وقت اندر آخرڪار هن ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي ورتي.

بخاري

استاد بخاري هڪ بهترين شاعر جي حيثيت سان اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ مشهور ٿيو، استاد بخاري محبوب لاءِ عاجزيون نيازيون محبوب کي پرچائڻ لاءِ شاعري ذريعي وس ڪين گهٽايو ۽ وڏيون ڪوششون ڪيون.

هي به پڙهي سگھو ٿا: سنڌ ۾ معياري تعليم اڃا تائين خواب بڻيل!

سندس لفظن ته:

حسينن کي هر روز تحفا ڏيون ٿا

جي نغما ناهن ته سڏڪا ڏيون ٿا

اوهين جيڪي دلدار دوڪا ڏيو ٿا

سي دل کي بنائي دلاسا ڏيون ٿا

گهڙيون چار بازار جو چهچٽو آ

توهان کان وٺيون ڪي موقعا ڏيون ٿا.

استاد بخاري جي فڪر کان متاثر ٿي آيل سندس شاگرد به گهڻائي آهن، جن ۾ انور قمبراڻي، علي حسن ٻٻر، طالب قمبراڻي،  راشد مورائي، زخمي چانڊيو،  ڊاڪٽر قربان جهتيال، احمد خان مدهوش ۽ ٻيا به ڪيترائي سندس شاگرد رهيا آهن، جن استاد جي شاعري کان متاثر ٿي ادب جي ڏانهن لاڙو ڪيو ۽ خوب نالو ڪمايو. استاد بخاري 3 ڀيرا ضلعي دادو سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري به رهيو ، استاد بخاري هڪ قومي ۽ مزاحمتي شاعر هو، هن سدائين سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جي خدمت جي ترجماني پنهنجي مزاحمتي شاعري ذريعي ڪئي، هن جهر جهنگ کان وٺي هنڌ سنڌ کان وٺي پنهنجن گيتن، واين، غزلن، نظمن توڙي شاعري وسيلي غريب مسڪين ماڻهن جي دردن جي عڪاسي ڪئي، استاد بخاري علمي ادبي پورهيو ڪري پنهنجن ماڻهن جي خدمت ڪئي، استاد هميشه سنڌي قوم جي حقن لاءِ سنجيده رهيو. هن آمريتن جي دور ۾ به شاعري ذريعي ماڻهن کي بيدار ڪيو، استاد بخاري کي سنڌ جا ماڻهو انتهائي محبت ۽ عقيدت سان ياد ڪن ٿا، سنڌي ماڻهو استاد جي شاعري ٻڌي ذهني سڪون حاصل ڪن ٿا، استاد کي مان سندس ئي لفظن سان ڀيٽا پيش ڪندس ته:

ڪڏهن محبوبن سان ميڙو

ڪڏهن جيءَ پنهنجي سان جهيڙو

هي زندگي هڪ ٻيڙو

ڪڏهن لهرن ۾ ڪڏهن لوڏن ۾.


You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.