حڪومت بي جي پي کي فائدو پئي رسائي….!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف مريم نواز جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت هڪ ٻئي پٺيان احمق پڻي سان ڀارت جي حڪمران پارٽي بي جي پي کي سياسي فائدو رسائي رهي آهي.

پارٽي جي نائب صدر مريم نواز جي گرفتاري کان پوءِ شهباز شريف طرفان جاري بيان ۾ هن مريم نواز جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف مريم نواز جي گرفتاري تي سخت مذمت ڪندي چيو ته سياس انتقام ۾ انڌي حڪومت ۾ نه ظرف آهي ۽ نه ئي ايترا داناءُ آهن جو معاملن جي نزاڪت کي سمجهن.

هن سوال ڪيو ته عيد کان اڳ مريم نواز جي گرفتاري سان ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي؟

ليگي صدر جو چوڻ هو ته قوم کي مسلسل خبردار ڪري رهيو آهيان ته جيڪڏهن ڪوڙ جي ترجماني بند نه ٿي ته هڪ وڏو حادثو ٿيندو ڇو ته تاريخ جي چوراهي تي بيٺل قوم کي هڪ نالائق حڪمران تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي.

هن پي ٽي آءِ جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪشمير جي محاذ تي قوم جي رسوائي جو سبب بڻجندڙ حڪومت پنهنجي هڪ ٻئي پٺيان احمق پڻي سان بي جي پي کي سياسي فائدو رسائي رهي آهي.

شهباز شريف جو اِهو به چوڻ هو ته مريم نواز کي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو ڇو ته هو ڪشميرين جي حق ۾ ريليون ۽ جلسا ڪري رهي هئي، پر وزير اعظ۾ عمران خان مخالف ڌر فتح ڪرڻ بدران ڪشمير مسئلي تي قومي مفادن جي حفاظت تي ڌيان ڏئي.

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پاڪستاني حڪومت کي ڀارتي حڪومت سان ڀيٽيندي چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج ڪشميرين کي آواز بلند ڪرڻ کان روڪي رهي آهي ، عمران خان پاڪستان ۾ مخالف ڌر کي ڪشميرين جي حق ۾ سرگرمين کان روڪي رهي آهي.

هن چيو ته مريم نواز شريف جي گرفتاري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وزير اعظم خالي هٿين ڇوڪري سان ڪهڙي قدم ڊنل آهي.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته نواز شريف  جي آڏو مريم نواز جي گرفتاري انتهائي مذمت، افسوس ۽ شرم جوڳي آهي.

آصف زرداري:

اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري به مريم نواز جي گرفتاري جي مذمت ڪئي.

هن چيو ته ڳالهه نڪرندي ته پري تائين هلي ويندي، هي سڀاڻي منهنجي ڀيڻ کي به گرفتار ڪرڻ چاهن ٿا.

آصف زرداري جو چوڻ هو ته انهن جي گهرن ۾ ماءُ ڀيڻون موجود آهن، انهن کي به عورتن جي عزت ڪرڻ گهرجي.

اڳوڻي صدر چيو ته اڄ هي اسان جي عورتن کي گرفتار ڪرائي رهيا آهن سڀاڻي انهن جي گهرن جون عورتون به گرفتار ٿينديون.

You might also like