سگهاري قوتون ۽ سگهاري مينڊيٽ کان محروم حڪومت جو حال

ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ صحافي وزيراعظم عمران خان کان سوال پڇيو، ته اپوزيشن ڪرڻ سولو ڪم آهي يا حڪومت هلائڻ؟

Pm Imran Khan Important About Naya Pakistan Housing Schemeان جي جواب ۾ ڪپتان ڦڪي مرُڪ منهن تي آڻيندي چيو ته حڪومت ڪرڻ سولو ڪم آهي ۽ ان کان اڳ جو صحافي وري ٻيو سوال ڪري تڪڙو تڪڙو  اهو چئي هو اڳتي هليو ويو، ڪپتان کي شايد ان ڳالهه جي خبر ئي نه هئي ته اپوزيشن ۾ ويهي ڳالهائڻ ڪيڌو نه سولو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ويهي ملڪ لاءِ ڪيل فيصلا ڪيڏو نه مشڪل آهن،

اڄ جيڪڏهن عمران خان جون ماضي واريون تقريرون ٻڌون ته اڄ جيڪو ڪجهه هو ڪري رهيو آهي اهو بلڪل انهن تقريرن جي ابتڙ آهي، جيڪي جيڪي ڪم هن ملڪي ترقي لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنا اڄ هو پاڻ انهن کي ملڪ اندر لاڳو ڪرڻ تي مجبور آهي، پوءِ چاهي هو آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ واري ڳالهه هجي يا ٽئڪس ايمنسٽي اسڪيم لاڳو ڪرڻ واري تنقيد هجي.

اهي ماڻهو جيڪي عمران خان کي هڪ اک نه ڀائيندا هئا اڄ اهي خاص اتحادي آهن،متحده قومي موومينٽ لاءِ عمران خان ڇا ڇا نه چيو؟

ان جي قائد خلاف لنڊن ۾ ڪيس ڪيا،جيڪي اڄ متحده جا موجوده اتحادي آهن انهن خلاف هن چا چا نه چيو هو؟ شيخ رشيد لاءِ عمران خان ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا؟

چوڌري پرويز الاهي کي پنجاب جو سڀ کان وڌو ڌاڙيل قرار ڏنو، پر اڄ جيڪڏهن عمراني سرڪار جو وجود پاڪستان ۾ آهي ته ان پٺيان متحده جي انهن آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سيٽن جو وڏو ڪردار آهي، اهو اسان به سمجهي سگهون ٿا ته موجود سرڪار کي اهو مينڊيٽ نه ملي سگهيو آهي.

جنهن سان هو اڪيلي سر پنهنجا فيصلا ڪري سگهي، عمران خان کي اهي اتحادي به هلائڻا آهن جيڪي ڪنهن نه وقت  سندس مخالف رهيا آهن، شيخ رشيد هڪڙي سيٽ هوندي اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو ترجمان بڻجي ويو آهي، اٿس ته ريلوي جو کاتو پر هو وڪيٽ جي چئني پاسن کيڏڻ جو وڏو کيڏاڙي رهيو آهي ۽ سندس شعلا بياني جي ڪري اڄ هو عمران خان جي اکين جو تارو آهي،اهڙيون ڪيتريون ڳالهيون آهن جيڪي عمران خان حڪومت لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري پريشاني جو سبب بڻجي رهيون آهن.

سگهاري قوتن جي ڪردار کان انڪار ڪندڙ حڪمران پوءِ چاهي هو عمران خان ئي ڇو نه هجي اهو وقت ياد ڪن جڏهن اسلام آباد ۾ هنيل ڌرڻي دوران هو ڪپتان جي آڱرين جي کڄڻ جو منتظر هو ۽ جڏهن مذاڪرات لاءِ گهرايو ويو ته عمران خان جي منهن تي جيڪا مرڪ ۽ خوشي هئي ان مان لڳي رهيو هو ته هن ”والاريل ڪشمير“ فتح ڪري ورتو هجي، هر سياستدان سگهاري قوتن جي وجود کان انڪاري نه آهي پر جڏهن اپوزيشن ۾ اها پارٽي هجي ته پوءِ اهي قوتون انهن کي خلائي مخلوق نظر اينديون آهن، پوءِ انهن کي اهي قوتون مختلف نالن سان ياد اينديون آهن،ڇو ته انهن پارٽين کي خبر آهي ته سگهاري قوتن کانسواءِ ملڪ هلائڻ سولو نه آهي ۽ اهو ڪنهن حد تائين صحيح به آهي.

عمران خان اين آر او بابت هر تقرير ۾ ڳالهائيندو آهي ان جو مطلب ته هن کي خدشو آهي ته متان ڪڏهن اهي قوتون اين آر او ڪري ڇڏين ۽ عمران خان جو نئون پاڪستان وري ڪٿي پراڻي پاڪستان ڏانهن نه هليو وڃي، عمران خان ۽ سندس وزيرن تي زبان تي ”اين آر او“ نه ٿيندو وارو رينگٽ ٻڌي ان مان صاف اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي نواز شريف يا آصف زرداري کي گهٽ سگهاري قوتن کي وڌيڪ آگاهه ڪرڻ چاهين ٿا.

عمراني سرڪار جيڪا اڃا صرف 10 مهينن جي نومولود ٻار جيان ٻانٻڙا پائي رهي آهي ان جي کنيل قدمن سان ملڪي معيشت تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي ان جو اندازو ڪنهن به بازار  ۾وڃي سٺي نموني سان لڳائي سگهجي ٿو، اڄ هر ڪنهن جي منهن تي صرف ”بهت مهنگائي هو گئي هي“ وارا لفظ آهن ۽ هو عمراني سرڪار لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون ڪن ٿا اهو لکي بيان نٿو ڪري سگهجي.

اچو موجوده سرڪار جي وزيرن ڏانهن ته اسان کي ڏهن مهينن کان صرف اهو ٻڌڻ لاءِ ملي رهيو آهي ته گذريل حڪومتن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، ملڪ ڏيوالو ٿي ويو، خزانو خالي آهي، مطلب ته حڪومت جي ڪارڪردگي صرف اها رهي آهي ته هو گذريل حڪومتن جي اهي ڳالهيون جيڪي موجوده سرڪار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فائدو پهچائن ڪرڻ ۾ پورا آهن.

هاڻي کين گهرجي ته ملڪ جون واڳون انهن جي هٿن ۾ آهن اهي سنجيدگي جو مظاهرو ڪن، قومي اسيمبلي هجي يا سينيٽ هر روز هڪ ٻئي خلاف ڳٿا لفظ استعمال ڪرڻ سان ملڪ نه هلندو، عمران خان کي هاڻي اپوزيشن وارو رويو ختم ڪري وزيراعظم وارو رويو اختيار ڪرڻو پوندو،

جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ نئون پاڪستان ٺهڻ ته مهال آهي پر اسان جو پراڻو پاڪستان به مهانگائي، بيروزگاري، عدم برداشت واري ڌٻڻ ۾ نه ڦاسي پوي.اسان موجوده حڪومت کي صرف اهو آئينو ڏيکاري رهيا آهيون جنهن ۾ سندس ئي ماضي جو عڪس نظر اچي ٿو.گذريل حڪومتن ملڪ سان ڇا ڪيو يا ڪير چور آهي ۽ ڪير ڪرپٽ ان جو فيصلو عدالتون ئي ڪنديون نه ڪي اسان.

You might also like