معيشت تباهه پئي ٿئي پر عمران خان نچي رهيو آهي: بلاول

اسلام آباد( م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول چيو بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي ان جي منظوري آڏو رنڊڪ بڻجڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته  وفاقي سرڪار سنڌ حڪومت خلاف سازشون ڪري رهي آهي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين چيو ته تاريخ لکندي ته جڏهن معيشت سڙي تباهه ٿي رهي هئي ته ان وقت وزيراعظم عمران خان نچي رهيو هو. بلاول چيو پي ٽي آءِ ايم ايف بجيٽ  آهي، ٽئڪسن ۾ واڌ ڪئي وئي،  مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌندي. هن چيو ته مخالف ڌر سان گڏجي عوام دشمن بجيٽ منظور ٿيٻ نه ڏينداسين. هن چيو  ته ته حڪومت سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائڻ جو شوق پورو ڪري  ڏسي ته عوام سندس ڪهڙو حشر ڪري ٿوهن چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ ئي ناهي آئي جو سنڌ سرڪار ختم ڪرڻ جون ڳالهيون پيون ٿين .03

You might also like