ڊالر به نيازي صاحب جيان هڪ هنڌ نٿو بيهي…

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزا شهباز شريف چيو آهي ته تبديلي هر روز قوم جون رڙيون ڪڍي رهي آهي، ۽ ڊالر به نيازي صاحب جيان هڪ هنڌ نٿو بيهي.

ڊالر جو اگھه وڌيڪ وڌڻ تي رد عمل جو اظهار ڪندي حمزا شهباز چيو ته ملڪ جي تاريخ جي نالائق ترين حڪومت ملڪي معيشت تباهه ڪري ڇڏي ۽ هنن جي نالائقي سبب ڊالر ملڪي تاريخ جي مٿانهين سطح تي پهچي ويو آهي، ڊالر به نيازي صاحب جيان هڪ هنڌ نٿو بيهي.

حمزا شباز جو چوڻ هو ته عمران خان ادارن تي پرڏيهي طاقتن کي مڙهي ڇڏيو آهي، ۽ معيشت ۾ به بي آر ٽي ماڊل فالو ڪري رهيا آهن، ملڪي معيشت هاڻي ملڪ جي هٿن ۾ ناهي آءِ ايم ايف حوالي ڪئي وئي آهي، ڊالر روز مهانگو ٿيڻ سان مهانگائي جي طوفان ۾ لاڳيتو واڌ ٿيندي، ڊالر جو روز وڌندڙ اگھه ۽ تبديل ٿيندڙ رپيو تباهي آڻي رهيو آهي، جڏهن ته ملڪي قرض ۽ هر روز غرين جي انگ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، عمران خان رڳو عوام جون رڙيون ڪڍڻ جو واعدو پورو ڪيو آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته رپئي جي بي قدري ائين ئي رهي ته ڪاروبار ته پري ريڙهي کولڻ به ڏکيو ٿي ويندو، عمران خان پاڻ آءِ ايم ايف سان هٿ ملايو آهي، آپگھات قوم لاءِ ڇڏي اٿس، ملڪ ۽ قوم جي تباهي تي چپ نه ويهنداسين، اسان هاڻي عوام تي توهان جو ظلم برداشت نٿا ڪري سگهون، هاڻي توهان کي وڃڻو پوندو.

You might also like