متاثر عورت جي معافيءَ باوجود عدالت جوابدار جي هڪ نه ٻڌي…

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ تاريخي فيصلي ۾ تيزاب هاريندڙ جوابدار جي آزادي جي درخواست رد ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته متاثر ڌر جي معافي باوجود جوابدار سزا کان نٿو بچي سگهي.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جوابدار جاويد اقبال جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته تيزاب هاريندڙ جوابدار ڪنهن به رعايت جو حقدار ناهي.

ٻڌڻي دوران درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته متاثر عورت سندس اصيل کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تيزاب هارڻ جي ڪيس ۾ ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.

هن چيو ته ڀلي متاثر عورت معاف ڪري ڇڏي پر قانون تيزاب هاريندڙ جوابدار کي معاف نٿو ڪري سگهي.

چيف جسٽس واضح ڪيو ته تيزاب هارڻ جي حوالي سان قانوني انتهائي سخت آهي، جڏهن ته ڪنهن کي به تيزاب سان ساڙڻ قتل کان به وڏو ڏوهه آهي.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار عورت کي تيزاب سان ساڙي وڏو ظلم ڪيو آهي، ڪنهن تي تيزاب هارڻ جي سزا عمر قيد آهي ۽ اهو رياست خلاف ڏوهه آهي.

سندس چوڻ هو ٿي سگهي ٿو متاثر عورتن کي ڌمڪائي بيان ڏيڻ لاءِ سپريم ڪورٽ موڪليو ويو هجي.

هن جوابدار جي بريت جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته قانون تيزاب سان چهرو ساڙيندڙ کي معاف نٿو ڪري سگهي.

You might also like