مڪاني نظام ۾ تبديلي جو اشارو، 2002ع وارو پوليس نظام پنجاب ۾به آهي، سنڌ ۾ اعتراض ڇو؟: مراد شاهه

خيرپور/ راڻيپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ عابدسولنگي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته  2002ع وارو پوليس قانون جيڪڏهن پنجاب ۾ لاڳو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ اعتراض ڇو، بدليون سياسي بنيادن تي نه پر حڪومت ڪندي آهي.سنڌ جي وڏي وزير صوفي بزرگ  سچل سرمست جي 198 هين عرس جي ٻئي ڏينهن درازا پهچي سچل سرمست جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. وڏي وزير وزير درگاهه جي اڱڻ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته درگاهه سچل سرمست جي ترقياتي ڪمن لاءِ ڪيل سمورن اعلانن ۽ واعدن تي عمل ڪيو ويندو ۽ مالي بحران باوجود ايندڙ بجيٽ ۾ درگاهه جي رٿا منظور ڪئي ويندي. وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي ۽ اين آءِ سي ايڇ عدالتي حڪم تحت وفاق حوالي ٿيڻيون هيون، پر تاريخ گذري چڪي آهي، اسان سپريم ڪورٽ ۾ نظر ثاني پٽيشن داخل ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت اهي اسپتالون پاڻ هلائڻ گهري ٿي، مالي بحران سان مسئلا ضرور ٿيا آهن پر هو وفاقي حڪومت کي چوندو ته اسين مالي بحران تي ڪنهن به طريقي سان ضابطو آڻينداسون . سيد مراد علي شاهه چيو ته ڊالر وڌڻ بابت ڪرتاڌرتا ماڻهن کان ئي پڇيو وڃي.  پر جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سٺو نه پيو ٿئي.  ڊالر جو ملهه وڌڻ سان عوام جون تڪليفون اڃا وڌنديون.  پي ٽي آءِ وارا معيشت کي سنڀالي نه سگهيا آهن، قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. وڏي وزير چيو ته بدليون سياسي بنيادن تي ناهن ٿينديون، پر حڪومت ڪندي آهي، حڪومت ضرور سياسي جماعت جي هوندي آهي، جيڪڏهن پنجاب ۾ 4 آءِ جي بدلجي ويا ته ڇا اهو سياسي بنياد هو.  اهو حڪومت جو اختيار آهي، اسان به هتي اهو قانون آندو آهي جنهن جي اهي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا هئا ته 2002 جو قانون سٺو آهي ان کي واپس آندو وڃي، اهو ئي قانون پنجاب ۾ لاڳو آهي، سنڌ ڇا الڳ مٽي مان ٺهي آهي ته جيڪا شيءِ ٻئي هنڌ لاڳو آهي اُها هتي نه ٿي ٿي سگهي. وڏي وزير چيو  ته شيخ رشيد جي ڳالهه نه ڪيو، باقي سنڌ حڪومت کي ايڊز پکڙجڻ تي ڳڻتي آهي. حڪومت فوري ايڪشن ورتو آهي ۽ آغا خان جا ڊاڪٽر اُتي موجود آهن. باقي سياسي بيان ڏيڻ سان ايڊز ختم ڪونه ٿيندي، ريلوي جو 28 ارب رپيا خسارو ٿيو آهي، وڏي وزير چيو ته مڪاني ادارن واري نظام جي اسٽڊي ڪيون پيا ۽ صلاح مشورا ڪري رهيا آهيون ڇاڪاڻ ته اسانجو به 4 سالن جو تجربو آهي ۽ چاهيون ٿا ته مڪاني نظام ۾ جيتري بهتري آڻي سگهجي ٿي اها آڻينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر جي  احتجاج بابت فيصلو پارٽي قيادت ڪندي. وڏي وزير سيد بگن شاهه جيلاني ۽ ايم پي اي احمد رضا شاهه سان پير ڀورل شاهه جي وفات تي عذرخواهي ڪئي. ان موقعي تي فراز حسين ڏيرو، درگاهه جو سجاده نشين ميان عبدالحق فاروقي سوئم، ايم اين اي سيد جاويد شاهه. نواب وساڻ، ايم پي ايز ساجد حسين ٻانڀڻ، نعيم احمد کرل، غزاله سيال، منور وساڻ، شهريار وساڻ، ڪمشنر سکر رفيق احمد ٻرڙو، ڊي سي خيرپور محمد نعيم سنڌو، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف منور مهيسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. .03

You might also like