مٽياري: سنڌو درياهه ۾ ٻيڙي اونڌي،15ڄڻا ٻڏي ويا، 6 لاش هٿ ٻين جو ڳولا جاري

مٽياري/مانجهند (ويب ڊيسڪ) مٽياري ويجهو جاکري ٿاڻي جي حد ۾ سنڌو درياءَ ۾ طوفان سبب ٻيڙي اونڌي ٿي وئي، عورتن ۽  ٻارڙن سوڌو 15ڄڻا ٻڏي ويا جڏهن ته 6 لاش هٿ ۽ باقين جي ڳولا جاري آهي.

جاکري ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ دڙو ماڇي مان انڙ پور ويندڙ ٻيڙي تيز طوفان سميت اونڌي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ٻارڙن سوڌو 15 ڄڻا ٻڏي ويا.

ٻڏي ويل ماڻهن مان چئن عورتن سوڌو 6 ڄڻن مسمات پوپري ماڇي، مسمات آسيت زال ڪمال ماڇي، مسمات قائمه زال پنهون ماڇي، مسمات شهزادي زال ميرو ماڇي، فياض ماڇي ۽ وسيم ماڇي جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ٻين جي ڳولا جاري آهي.

 ٻيڙي ۾ پندرهن کان سترهن ماڻهو سوار هئا جيڪا ڳوٺ دڙو ماڇي مان انڙ پور وڃي رهي هئي جيڪا تيز طوفان جي ور چڙهي ٻڏي وئي واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو، ڊي ايس پي مٽياري جمعا خان واقعي واري هنڌ پهچي لاشن جي ڳولا جي نگراني ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن ٻڏي ويل ماڻهن جي تعداد بابت مختلف اطلاع آهن، انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻيڙي ۾ 11 ماڻهو سوار هئا، جڏهن ته ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ٻڏي ويلن جو انگ 15 کان به وڌيڪ آهي. هوڏانهن رات هئڻ سبب ٻڏي ويل ماڻهن جي ڳولا ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون هيون.

You might also like