رپورٽ: ٺٽو: پاپوليشن کاتي پاران آبادي جي عالمي ڏهاڙي بابت سيمينار ڪرايو ويو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٺٽو: پاپوليشن کاتي پاران آبادي جي عالمي ڏهاڙي بابت سيمينار ڪرايو ويو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٺٽو: پاپوليشن کاتي پاران آبادي جي عالمي ڏهاڙي بابت سيمينار ڪرايو ويو

ٺٽي ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران آبادي جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جيم خاني مڪلي ۾ ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن سميت صحت کاتي جي عملدارن، سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

سيمينار کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر گل النساء ٽالپر، ڊاڪٽر دائود ھيلايو، ڊاڪٽر قمرالدين ٻارڻ، ۽ ٻين چيو تہ 11 جولاء آبادي جو عالمي ڏينھن آھي جنھن کي ھرسال ڀرپور نموني ملھايو ويندو آھي،

سندن چوڻ  هو ته آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ ضروري آھي ڇاڪاڻ جو ھن مھنگائي ۽ غربت واري دور ۾ وڌيڪ ٻارن جو ٻوجهه کڻڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي.

هنن وڌيڪ چيو ته پاپوليشن کاتي پاران وڌندڙ آبادي جي روڪٿام لاء بھتر قدم کنيا پيا وڃن.جنھن تحت خانداني منصوبہ بندي تي عمل ڪري پنھنجي ٻارن جي بھتر صحت، تعليم ۽ بھتر مستقبل بڻائي سگجي ٿو.

سميينار ۾ شاگردن پاران ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد ماڻيو

هوڏانهن پاپوليشن کاتي جي عملدارن ۽ ساڃاهه وندن پاران آبادي جي واڌ تي ضابطو آڻڻ بابت ريلي ڪڍي عام ماڻهن کي ڄاڻ پڻ ڏني وئي…………………..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.