رپورٽ: ٺٽو: ميرپور ساڪرو اسي ناري جي ڪنهن ڪئي تذليل؟ وارثن ڪيو اهم انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٺٽو: ميرپور ساڪرو اسي ناري جي ڪنهن ڪئي تذليل؟ وارثن ڪيو اهم انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٺٽو: ميرپور ساڪرو اسي ناري جي ڪنهن ڪئي تذليل؟ وارثن ڪيو اهم انڪشاف

 

ٺٽي ۾ ڳوٺاڻن پاران گهر تي حملو ڪري زخمي ڪندڙ بااثرن خلاف احتجاج ڪيو ويو

ميرپورساڪري جي ڳوٺ جمعون خان جي رهواسي خاصخيلي برادري جي ماڻهن پريس ڪلب پهچي بااثر مائٽن خلاف دانهيو

ان موقعي تي اعجاز ۽ شوڪت پارسا خاصخيلي الزام  هڻندي چيو ته سندس ڌيءَ ڪشميران جي شادي سندن ئي برادري جي منظور خاصخيلي سان ڪرائي هئي

هنن چيو ته ناٺي بنا جواز سندن گهر تي حملو ڪري گهر ڀاتين کي زخمي ڪرڻ بعد نياڻي جو مٿو ڪوڙي تذليل جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويو

هنن چيو ته گهر تي حملي وقت سندس ڌيءَ جو حمل ضايع ٿي ويو آهي

احتجاج ڪندڙ متاثرن گهر ڪئي ته بااثر ناٺي خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي…………………..

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.