تيز گام سانحو: ڪوڪ اسٽوڊيو نئين قسط روڪي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن ٿيل تيز گام ٽرين حادثي کي نظر ۾ رکندي ڪوڪ اسٽوڊيو پنهنجي نئين سيزن جي ٽين قسط جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏي.

ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس ۾ گذريل ڏينهن باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 74 مسافر فوت جڏهن ته 90 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا هئا، افسوس ناڪ سانحي تي شوبز انڊسٽري سوڌو سموري دنيا مان تعزيتي پيغام موڪليا ويا ۽ هاڻ ڪوڪ اسٽوڊيو به سانحي سبب پنهنجي نئين قسط جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:رابي پيرزادا جون غير اخلاقي وڊيوز وائرل، سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويون

تازو ئي ڪوڪ اسٽوڊيو جي 12 هين سيزن شروع ڪئي وئي هئي جنهن جا گيت رليز کان بعد جلد مشهورگيتن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويا ۽ اڄ جي ڏينهن سيزن جي ٽين قسط رليز ٿيڻي هئي پر ڪوڪ اسٽوڊيو انتظاميا ٽرين حادثي کي نظر ۾ رکندي قسط جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏي آهي.

ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو جنهن هنن تيز گام ٽرين حادثي ۾ شهيدن ۽ زخمين جي وارثن سان افسوس جو اظهار ڪيو، گڏوگڏ اهو به چيو ويو ته ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 12 جي ٽين قسط رليز نه ڪئي ويندي.

ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ويو ته اسان جون دعائون حادثي ۾ متاثر ٿيل خاندانن سان گڏ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.