سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال نوجوانن ۾ ڊپريشن جو سبب : تحقيق

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڇا توهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته اڄ جي نوجوانن ۾ مايوسي، ذهني بي چيني يا ائين کڻي چئون ڊپريش جهڙيون ڪيفيتون گهڻو عام نظر اينديون آهن؟ ۽ ان جو سبب سماجي رابطن واري ويب سائيٽن ( سوشل ميڊيا ) جو گهڻو استعمال آهي جنهن ۾ نوجوان پنهنجن دوستن جي خوشحال زندگي کي ڏسي ڊپريشن جو شڪار ٿي ويندا آهن.

اهڙي دعويٰ ڪئناڊا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي. مانٽريال يونيورسٽي جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوجوان جيترو گهڻو وقت سوشل ميڊيا ۽ ٽيليويزن اسڪرين آڏو گذاريندا، ايترو ئي منجهن سخت ڊپريشن جون علامتون نظر اينديون.

ان تحقيق دوران 12 کان 16 سالن جي عمر جي 17 سئو کان وڌيڪ ڇوڪرين ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ڇوڪرن ۾سوشل ميڊيا جي استعمال ۽ ٽيليويزن ڏسڻ جي عادت جو هڪ سال تائين جائزو ورتو ويو.

تحقيق ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته سوشل ميڊيا جو گهڻو استعمال ننڍي عمر وارن ۾ ڊپريشن جون نشانيون سامهون اچڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

ان نتيجي کانپوءِ ۾ هوريان هوريان ڊپريشن جون علامتون اڀرڻ لڳنديون آهن ۽ ان کان بچڻ لاءِ ضروري آهي ته سوشل ميڊيا جو استعمال گهٽايو وڃي، ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جاما پيڊياٽرڪس ۾ شائع ٿيا آهن.

ان کان اڳ هلندڙ سال مئي ۾ آسٽريليا جي فلينڊرز يونيورسٽي جي تحقيق ۾ اها ڳالهه نوٽ ڪئي وئي هئي ته سوشل ميڊيا ذريعي ڊپريشن ۽ ٻين ذهني بيمارن جا مسئلا هڪٻئي کان ويندي ٽئين فرد تائين ڦهلجي سگهن ٿا.

تحقيق ۾ نوٽ ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا نيٽ ورڪن سبب ماڻهو سماجي سپورٽ کان محروم ٿي رهيا آهن، ان کان اڳ هلندڙ سال جي شروعات ۾ مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو هو ته تمام گهڻو سوشل ميڊيا جو استعمال اهڙن روين کي هٿي ڏيندو آهي جيڪي هيروئين يا ٻين منشيات جي عادي ماڻهن ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

You might also like