سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ عالمي شخصيتن ۾ ٽيلر سوئفٽ ميدان ماري وئي

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي مشهور اقتصادي رسالي فوربز هر سال جيان هن سال به سڀ کان وڌيڪ پئسو ڪمائيندڙ شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي آهي ۽ 100 عالمي شخصيتن ۾ ٽيلر سوئفٽ پهريون نمبر ماڻيو آهي.

فوربز هلندڙ سال جي فهرست ۾ رڪارڊ 100 شخصيتن کي شامل ڪيو آهي، جن ۾ ايشيا سميت دنيا جي سمورن خطن جا فنڪار، اسپورٽس سليبرٽيز، فيشن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي شامل ڪيو ويو آهي.

هر سال جيان هن سال به گھڻو ڪمائيندڙن ۾ آمريڪا جون شخصيتون ميدان ماري ويون، جڏهن ته برطانيا ۽ يورپ جون شخصيتون ٻئي نمبر تي رهيون.

حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ان فهرست ۾ ڏکڻ ايشيا مان رڳو ڀارت جي هڪ شخصيت شامل آهي، جڏهن ته پاڪستان، افغانستان، بنگلاديش ۽ ايران سميت ٻين ملڪن جون شوبز ۽ اسپورٽس شخصيتون ان فهرست ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيون.

هن ڀيري سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ 100 عالمي شخصيتن ۾ آمريڪي ڳائڻي 29 ورهين جي ٽيلر سوئفٽ ٽاپ تي آهي، جڏهن ته ان فهرست ۾ بالي ووڊ جو اڪيلو اداڪار اڪشي ڪمار جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيو.

نوجوان ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ گذريل هڪ سال ۾ 18 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي.

اڪشي ڪمار سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ دنيا جي 100 شخصيتن ۾ 33 هين نمبر تي آهي ۽ هن گذريل 12 مهينن ۾ لڳ ڀڳ پاڪستاني 6 ڪروڙ 50 لکن ڊالرن کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ شخصيتن ۾ دنيا جي گھٽ عمر واري سيلف ميڊ ارب پتي ماڊل ڪائلي جينر به ٽيلر سوئفٽ کان پوئتي رهجي وئي، جڏهن ته ڪم ڪرڊشين، ليڊي گاگا، ريانا، جسٽن بيبر، جنيفر لوپيز، جي ڪي رولنگ، جي زي ۽ بيونسي جهڙيون شخصيتون به گھڻي ڪمائي ڪندڙ شروعاتي 10 شخصيتن ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيون.

فوربز موجب دنيا جي 100 شخصيتن گذريل هڪ سال ۾ ٽيڪس ڏيڻ کان پوءِ 6 ارب 30 ڪروڙ آمريڪي ڊالر ڪمايا.

سڀ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ مشهور شخصيتن جي فهرست

ٽيلر سوئفٽ 18 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪمائي پهرين نمبر تي رهي

ڪائلي جينر 17 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ٻئي نمبر تي رهي

ڪائني ويسٽ 15 ڪروڙ ڊالر ڪمائي ٽئين نمبر تي رهيو

ليونل ميسي 12 ڪروڙ 70 لک ڊالر ڪمائي چوٿين نمبر تي رهيو

ڪرسٽيانو رونالڊو 10 ڪروڙ 90 لک ڊالر ڪمائي ڇهين نمبر تي رهيو

جي زي ۽ بيونسي ترتيب وار 8 ڪروڙ 10 لک ڊالر ڪمائي 20هين نمبر تي رهيا

ڪم ڪرڊشين 7 ڪروڙ 20 لک ڊالر ڪمائي 26هين نمبر تي رهي

اڪشي ڪمار 6 ڪروڙ 50 لک ڊالر ڪمائي 33هين نمبر تي رهيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.