پيٽرول چوري ڪندڙن تي قيامت ڪڙڪي پئي…!

 

ڊوڊوما (ويب ڊيسڪ) آفريڪي ملڪ تنزانيا جي اوڀرين حصي ۾ هڪ ڳوٺ مورو گورو ۾ تيل جي ٽئنڪر ۾ ڌماڪي سان باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 57 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

ان ڌماڪي کانپوءِ پکڙجندڙ باهه جي وڪڙ ۾ اچي گهٽ ۾ گهٽ 57 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق به ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سڙي ويلن جي مڙهن کي پوليس گڏ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته 65 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن ۽ ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پوليس اختيارين موجب فوت ٿيل ۽ زخمي ٿيندڙ ماڻهو ٽئنڪر مان پيٽرول کي لِڪائي ڪڍڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا ته ڌماڪي سان ٽئنڪر ۾ باهه لڳي وئي.

طبي عملي فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.