رپورٽ:تنگواڻي: ھزارو شاخ کي 30 فوٽ گھارو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان

عوامي آواز رپورٽ
تنگواڻي: ھزارو شاخ کي 30 فوٽ گھارو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان
عوامي آواز رپورٽ تنگواڻي: ھزارو شاخ کي 30 فوٽ گھارو، آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان

تنگواڻي ويجهو  ڳوٺ نورالدين نندواڻي ڀرسان ھزارو شاخ کي 30 فوٽ گھارو پئجي ويو، جنهن سبب آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي.

ڳوٺ نورالدين نندواڻي ڀرسان ھزارو شاخ کي 30 فوٽ گھارو پوڻ سبب ساريالو فصل ۽ مڇي فارم مڪمل پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته پاڻيءَ ڪيترن ئي گهرن کي پڻ نقصان پهچايو آهي.

اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ مصروف آهن.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن  جو چوڻ هو  ته ھزارو شاخ جا ڪپر ڪافي سالن کان ڪمزور آھن جنھن سبب شاخ کي گهارو پيو آهي.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا آبپاشي عملدارن کي دانهيو آهي ته شاخ جا ڪپر مضبوط ڪرايو پر سندن هڪ به نه ٻڌي وئي.

هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي آبپاشي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سندن نقصان جو ازالو ڪيو وڃي………………

You might also like