رپورٽ: ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد جو مارچ پهچڻ تي شاندار آجيان

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد جو مارچ پهچڻ تي شاندار آجيان
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد جو مارچ پهچڻ تي شاندار آجيان

 

ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد جي پهچڻ تي شاندار آجيان ڪئي وئي،

ان موقعي تي سنڌ ڪولهي اتحاد جي چيئرمين رڻشال داس ڪولهي جو چوڻ هو ته سنڌ جي اصولڪن وارثن کي هر دور ۾ هميشه ڀت سان لڳائي انهن کي سندن جائز حقن کان محروم رکيو ويو آهي.

هن چيو ته شيڊول ڪاسٽ ڪوٽا سسٽم بحال ڪري هندن جي ملڪيتن، قبرستانن تان قبضا ختم ڪرايا ۽ سرڪاري زمينن تي ويٺل هندن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن.

سنڌ ڪولهي اتحاد جي چيئرمين چيو ته لاڏائو قبيلن جا معصوم ٻار هن جديد دور ۾ تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن جيڪا ڌرتي ڌڻين کي هن ملڪ مان بيدخل ڪرڻ جي سازش آهي.

رڻشال داس چيو ته جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته پريس ڪلب حيدر آباد پهچي اڳتي جو لا عمل جوڙيندا…….

 

 

You might also like