رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي

 

ٽنڊي جان محمد  ۾ ضلع بدين جي يونين ڪائونسل سانگي ڦرهو جي شادي شده عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي.

ھوشو  ڪولهڻ  پنهنجي ٻارن سميت ميڊيا سينٽر ٽنڊوجان محمد پهچي داهيندي  ٻڌايو تھ 13 سال اڳ  سندس شادي امرشي سان ٿي  هئي، جيڪو مٿس روز تشدد ڪندو هو.

هن ٻڌايو تھ سندس مڙس مان هن کي هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي.

هن دانهيو تھ مڙس کيس ٻارن سميت گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ ٻي شادي ڪري ويهي رهيو آهي.

هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تھ معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

You might also like