رپورٽ: ٽنڊو ڄام: ڪانٽي تي وزن جي مد ۾ وڌيڪ اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو ڄام: ڪانٽي تي وزن جي مد ۾ وڌيڪ اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو ڄام: ڪانٽي تي وزن جي مد ۾ وڌيڪ اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن جو احتجاج

 

ٽنڊي ڄام ۾ ڪانٽي تي وزن جي مد ۾ وڌيڪ اوڳاڙي خلاف ٽرانسپورٽرن احتجاج ڪيو.

آل سنڌ ٽرانسپورٽرس يونين ايسوسيئيشن جي سڏ تي ٽرانسپورٽرن محراب خان کوسو،گلزار خان پٺاڻ، حاجي شريف بگٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وڌيڪ وزن جو جواز ڄاڻائيندي 3500 روپيه وصول ڪيا وڃن پيا، ٽول ٽيڪس الڳ ورتو وڃي ٿو.

اڳواڻن چيو ته جيسيتائين ساڻن زيادتي بند نه ٿيندي احتجاج جاري رهندو.

ڊي ايس پي جي اڳواڻي ۾ ٽول انتظاميه احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو………….