رپورٽ: ٽنڊو حيدر: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن نيٺ 55 اسپتالون ڇو ڪيون بند؟؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو حيدر: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن نيٺ 55 اسپتالون ڇو ڪيون بند؟؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو حيدر: سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن نيٺ 55 اسپتالون ڇو ڪيون بند؟؟؟

 

 

 

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پاران حيدرآباد تعلقه ٻھراڙي ۾ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 55 غير قانوني هلندڙ اسپتالون سيل ڪري ڇڏيون.

ان موقعي تي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سهراب هيسباڻي، اشفاق قريشي ۽ لبنا ثاقب حسين سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽنڊو حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 11 عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائي ڪندي سندن ڪلينڪون بند ڪيو ويون آهن،

هنن چيو ته حيدرآباد ضلعي جي تعلقن اندر عطائي ڊاڪٽرن جي تعداد 158 آھي جنهن مان 55 ڪلينڪن تي ڪاروائي ڪندي سيل ڪيو آهي

انهن  وڌيڪ چيو ته ايڇ آءِ وي جو ڪارڻ جنسي ميلاپ غيرقانوني ڪلينڪس ۽ حجام آھن،

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جي فوڪل پرسنز وڌيڪ چيو ته عطائي ڊاڪٽرن ماڻهن جو حياتيون داءَ تي لڳايون آهن، جن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي……………………..

 

 

You might also like