رپورٽ: ٽنڊو باگو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو باگو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو باگو: آصف زرداري جي گرفتاري خلاف جيالا روڊن تي نڪري آيا

ٽنڊي باگي ۾ جيالن پاران پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪارڪنن تعلقاصدر ميرڪاشف، بشيراحمدزئور ۽ عبدالستارميمڻ جي اڳواڻي ۾ قذافي هوٽل کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

ان موقعي تي اڳواڻن چيوته عمران خان اتفاقي آيل اناڙي وزيراعظم آهي، جيڪو ٻين جي اشاري تي هلي پيو

هنن چيوته پ۔پ۔پ اهاملڪ جي پارٽي آهي جنهن هميشه آمريت خلاف جنگ جوٽي جيڪا اڃاتائين جاري آهي

هنن چيوته عمران نيازي اسان جي بهادرليڊرکي ڪوڙي ڪيس ۾نيب هٿان گرفتارڪرايوآهي، جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا

هنن چيف جسٽس کان مطالبوڪيوته آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري جونوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾هن تحريڪ کي اڃابه وڌايوويندو……………..

You might also like