رپورٽ: ٽنڊو الهيار: آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پاپوليشن کاتي جي ملازمن ڇو ڪيو احتجاج؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو الهيار: آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پاپوليشن کاتي جي ملازمن ڇو ڪيو احتجاج؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو الهيار: آبادي جي عالمي ڏهاڙي تي پاپوليشن کاتي جي ملازمن ڇو ڪيو احتجاج؟

ٽنڊي الهيار ۾ پاپوليشن جي عالمي ڏھاڙي تي پاپوليشن کاتي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ملازمن نورمحمد ـمحمد سليم ـ علي شير ـ منظور رند ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٻاهران اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي

ان موقعي تي هنن چيو ته پاپوليشن کاتي ۾ ڪم ڪندڙ سوشل ميل موبلائيزر 1998 کان ڪم ڪري رھيا آھن جن کي اڃا تائين پڪو ناهي ڪيو ويو

سندن چوڻ هو ته اختيارين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندي عدالت جي توهين ڪئي آهي جن خلاف ڪارروائي ڪري کين پڪو ڪري مراعتون فراهم ڪيون وڃن…………..

You might also like