رپورٽ: تلهار ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: تلهار ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: تلهار ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟؟

تلهار ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران جلال محمود شاهه جي ڀاءُ تي حملي خلاف احتجاج ڪيو ويو.

راجه اعجاز خواجه ، شوڪت عمراڻي، اسلم سونارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سندن نوجوانن تي حملو ڪري کين سخت زخمي ڪندڙن کي حڪومتي ڌر خاص طور تي ڊپٽي اسپيڪر جي پٺڀرائي حاصل آھي.

هنن چيو ته پوليس عملدارن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ويو آھي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جلال محمود شاهه جي ڀاءُ تي حملي جا جوابدار گرفتاري ڪري کيس سزا ڏني وڃي………………….

 

You might also like