اسان جي منزل اڃان به اڳتي

مقبول ملاح

2 لک هم چورس ڪلو ميٽرن تي پکڙيل ٿر, ڏکڻ ايشا جو سڀ کان وڏو ۽ دنيا جو 18 هون وڏو ريگستاني علائقو آهي، ٿر سدائين بنيادي سهولتن کان محروم رهيو آهي، صاف پاڻي ته ڄڻ ٿرين جو خواب ئي هجي، جڏهن ته صحت جون سهولتون نه هجڻ توڙي خوراڪ جي کوٽ سبب هزارين گلڙا هر سال مرجهايو وڃن، اخبارن ۾ جڏهن به ٿر بابت ڪا خبر پڙهي آهي ته مور پکي جي بيمارين ۾ مرڻ توڙي ٿري ٻارڙن جي علاج نه ٿيڻ يا خوراڪ جي کوٽ ڪري فوتگي جون ئي خبرون پڙهڻ لاءِ مليون آهن، غازي بجير جي 5 آگسٽ تي عوامي آواز ۾ ڇپيل ان رپورٽ کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، جنهن موجب ٿرپارڪر ۾ 505 اسڪول بند پيل آهن، جنهن ڪري لڳ ڀڳ 3 لک ٻارڙا پنهنجي تعليم کان محروم آهن. پر اڄ جڏهن آفيس اچي اخبارون پڙهڻ کانپوءِ جيئن ئي فيس بڪ  ڏٺو ته ڪرشن شرما جي پوسٽ رکيل هئي، جنهن ۾ ٻه ٿر جون نياڻيون جمنا ڀيل ۽ ديوي مينگھواڙ چائنا فٽ بال کيڏڻ لاءِ ڪراچي ايئرپورٽ کان چائنا وڃي رهيون هيون، جتي هو 10 آگسٽ کان 17 آگست تائين ٿيندڙ فوٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺنديون. جيتوڻيڪ ٿر فائونڊيشن جو ان ۾ تمام وڏو ڪنٽريبيوشن آهي، پر ٿري نياڻيون جس لهن جن فٽ بال جهڙي راند ۾ پاڻ مڃرايو آهي.

جمنا ڀيل ۽ ديوي مينگهواڙ سڀ کان پهريان آل سنڌ فوٽ بال ٽورنامينٽ ۾ حصو ورتو، جنهن کانپوءِ بهتر ڪارڪردگي تي کين چين ۾ کيڏي ويندڙ فوٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ سليڪٽ ڪيو ويو. ٿل فائونڊيشن پاران گذريل سال 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙين جو آل سنڌ في ميل فوٽ بال ٽورنامينٽ ڪرايو ويو هو، ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر سميت حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، خيرپور سميت 8 ضلعن جي ٽيمن حصو ورتو هو، جنهن ٽورنامينٽ ۾ ٿرپارڪر جي ٽيم سوڀ ماڻي هئي، جنهن ۾ بهتر ڪارڪردگي تي ديوي ۽ جنما کي ورلڊ ڪپ لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو آهي.

تازو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ختم ٿيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ڏسندي ٽيم تي ٻين ڪيترين ئي تنقيدن سان گڏ اها به تنقيد ٿي پئي ته پاڪستان جي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪري وڌ کان وڌ پنجاب جي رانديگرن کي کيڏايو ويو آهي،  ڇاڪاڻ ته ٽيلينٽ هر صوبي ۾ ۽ هر ننڍي وڏي شهر ۾ موجود آهي، جنهن جو اندازو ان نياڻين مان لڳائي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته ٻنهي نياڻين کي صرف ان ڪري نه سليڪٽ ڪيو ويو آهي ته ٿر فائونڊيشن انهن کي ٿري هجڻ ڪري سليڪٽ ڪيو آهي، پر 8 ضلعن تي مشتمل فوٽ بال ٽورنامينٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي به انهن نياڻين جي ئي رهي، اهو ئي سبب آهي ته جو هن ٻنهي نياڻين کي سليڪٽ ڪيو ويو ۽ اڄ هوچائنا ۾ موجود آهن. تنهن ڪري ڪرڪيٽ بورڊ کي به گهرجي ته هر صوبي جي ننڍن وڏن شهرن مان ٽيلينٽ کي ٻاهر ڪڍي اچن ۽ انهن نوجوانن کي انٽرنيشنل راندين ۾ حصو ڏيارين، پر صرف نالي ماتر نه حيدرآباد جي حسنين کي به ڪرڪيٽ جي ورلڊ ڪپ جي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو  هو، پر هڪ به ميچ ۾ کيس کيڏايو نه ويو،  جيڪڏهن ڪنهن هڪ ميچ ۾ کيڏايو وڃي ها ته يقينن هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري ها، ۽ ان بنياد تي ئي کيس ٻي ميچ ۾ کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت ڪوچ آرام سان فيصلو ڪري سگهيو پئي، پر حسنين کي ته هڪ ميچ ۾ به نه کيڏايو ويو، جنهن خلاف حيدرآباد ۾ نوجوانن ڪرڪيٽ مينيجمينٽ خلاف احتجاج ڪيو هو ۽ انهن جو اهو ئي مطالبو هيو ته جيڪڏهن توهان حسنين کي سليڪٽ ڪيو آهي ته کيس کيڏايو ته صحيح.

جمنا ڀيل ۽ ديوي مينگهواڙ پنهنجي ٽيلينٽ ذريعي اسان کي پيغام ڏنو آهي ته ٿر ۾ به ملڪ جي ٻين علائقن جيان ٽيلينٽ موجود آهي، صرف ان ٽيلينٽ تائين پهچڻ جي ضرورت آهي، ۽ اها به اميد رکون ٿا ته هو چائنا ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ٿر جو نالو روشن ڪنديون.