اسلام ڪوٽ جي تفريحي ماڳن کي سنڀاليو

غازي بجير

سنڌ جي ڏڪار سٽيل شهر اسلام ڪوٽ ۾ ننگرپارڪر باءِ پاس تي ڪروڙين روپين جي لاڳت واري پبلڪ پارڪ جو ڪم ورهه گذري وڃڻ باوجود مڪمل ناهي ٿي سگهيو، پ پ جي گذريل 2008ع واري حڪومتي دور ۾ اها اسڪيم منظور ٿي، جنهن جو ٺيڪو منپسند ٺيڪيدار حوالي ڪيو ويو، ٺيڪيدار انهيءَ اسڪيم کي مڪمل ڪرڻ بدران ڪم اڌ ۾ ڇڏي بل پاس ڪرائي ڀڄي ويو، جنهن ڪري اسلام ڪوٽ جي شهرين کي تفريح لاءِ پارڪ نه ملي سگهي.

مون کي ڪجهه دوستن ٻڌايو پئي ته پبلڪ پارڪ جو ٺيڪو هڪ ڪروڙ پنجهتر لکن جو هو، جنهن بعد ٺيڪيدار صرف پارڪ ٻاهران پلر ٺاهي، انهيءَ کي لوهي گرلون لڳايون ۽ هڪ وڏو گيٽ لڳائي ڇڏيو، بعد ۾ اندر لائيٽنگ، پارڪ، جهولن، ويهڻ جي ڪرسين سميت ڇٻر لڳائڻ جو ڪم ناهي ڪيو، انهيءَ سموري بجيٽ مان صرف 37 لک روپين جو ڪم مس ٿي سگهيو آهي، باقي پيسن کي هڙپ ڪيو ويو آهي، اڌورو ڪم ڪري وڃڻ بعد اسڪيم لاوارث بڻجي ويئي آهي، اندر جهنگ وڌي ويو آهي، عوام جي تفريح واري هنڌ تي جانورن جا ميلا متل هوندا آهن ۽ پارڪ مال جي وٿاڻ ۾ تبديل ٿي وئي آهي، خميس ۽ اربع واري ڏينهن لڳندڙ مال پڙين جو ڌڻ پبلڪ پارڪ اندر بيهاري وڪرو ڪيو ويندو آهي، لکين روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل اسڪيم جو مين لوهي گيٽ اُکيڙي چوري ڪيو ويو آهي ۽ پلرن سان گڏ لڳل لوهي گرلون به چوري ٿي ويون آهن، سوين ڪلو وزن وارو وڏو دروازو پلاننگ تحت چوري ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪنهن به جاچ ناهي ڪئي، انهيءَ ڪري عوامي پيسن مان منظور ٿيل هن اسڪيم کي عوام لاوارث ڦٽو ڪيو ويو آهي، جنهن تي شهري سڀ حيران پريشان آهن، منظور ٿيل اسڪيم تباهه ٿيڻ جي باوجود ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب پئيسا ٺيڪيدار کي ڦٻي ويا آهن.

رپورٽن موجب ته ٺيڪيدار سميت لاڳاپيل کاتي جي عملدارن ملي ڀڳت ڪري اسڪيم جا آيل پئيسا هڙپ ڪيا آهن، جنهن سبب سرڪار پاران لکين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود شهرين کي تفريح لاءِ اڪيلي سر پارڪ فائدو ناهي ڏيئي آهي، انهيءَ حوالي سان هتان جي شهرين نيب، اينٽي ڪرپشن کاتن کي جاچ جي اپيل ڪندي چيو ته جانچ ڪري ٺيڪيدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، شهرين سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کان به نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سيشن جج ٿرپارڪر مشتاق احمد ڪلوڙ کان شهرين مطالبو ڪيو آهي ته پبلڪ پارڪ اسڪيم جو وزٽ ڪري حقيقتون ڏسي ٺيڪيدار خلاف ڪارروائي ڪري ڪم مڪمل ڪرايو وڃي ته جيئن شام جي وقت شاگرد پارڪ ۾ تفريح مان لطف اندوز ٿي سگهن.

هن پارڪ کي نوجوانن راند جو به ميدان بڻائي ڇڏيو آهي، انهي ڪري معصوم ٻارڙا شام وقت پارڪ اندر ڪرڪيٽ راند کيڏي ٽائيم پاس ڪن ٿا، ڪروڙين روپين جي لاڳت سان منظور ٿيل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو ڪم به مڪمل ناهي ٿيو، ساڳئي پ پ جي دور ۾ منظور ٿيل ڪرڪيٽ گرائونڊ جو ڪم به اڌ ۾ ڇڏيو ويو، جنهن سبب اتي به لائيٽنگ سميت ڇٻر به ناهي لڳي سگهي، اسٽيڊيم جي ٺهيل ٻن ڪمرن جا در دريون به نامعلوم ماڻهو ٽوڙي کڻي ويا آهن، جنهن سبب اسٽيڊيم جي ڪمرن اندر گڏهه بيٺل هجن ٿا، رانديگر به سخت پريشان آهن، رانديگرن ٻنهي اسڪيمن جي جاچ ڪري ٺيڪيدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسڪيمن جو ڪم مڪمل ڪرائي عوام کي تفريح جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، شهر ۾ منظور ٿيل ڦوهارو اسڪيم جو به ڪم مڪمل ڪرايو وڃي، لکن جي لاڳت واري ڦوهارا اسڪيم جو به ساڳئي دور ۾ ٺيڪيدار ڪم اڌ ۾ ڇڏيو ويو آهي، شهر ۾ عوام جي تفريح لاءِ ڪا به سهوليت موجود ناهي، جيڪي اسڪيمون منظور ٿيون انهن جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ ڪري سنڌ حڪومت باقي اسڪيمون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like