Browsing Tag

petrol

پيٽرول 4 رپيا 59 پئسا سستو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو ۽ پيٽرول في ليٽر 4 رپيا 59 پئسا سستو ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي اطلاعات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ…

وزير اعظم عوام جي ٻڌي ورتي: پيٽرول سستو ٿي ويو…..!

سلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي سڌُ سماءَ ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ آهي ته عوام دوست حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ عملي بندوبست ڪندي پيٽروليم شين جي قيمتن  ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. فردوس عاشق اعواڻ جو پنهنجي…

رپورٽ: سکر: پيٽرول جا اگهه وڌڻ خلاف موٽر سائيڪل جو جنازو ڪڍي نرالو احتجاج

* سکر ۾   سول سوسائٽي پاران پيٽرول جا اگهه وڌڻ خلاف موٽر سائيڪل جو جنازو ڪڍي  نرالو  احتجاج ڪيو. ان موقعي تي شفاق ڀٽي.عمران شاھ ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت  پيٽرول جا آسمان تي چاڙهي ڇڏيا آهن جنهن ڪري عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي .ھنن چيو…

عيد تي عوام کان خوشيون کسيون ويون آهن….

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز چيو آهي ته عيد تي قوم کي ريليف ڏيڻ بدران خوشيون کسيون ويون آهن، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي جي سونامي وڌندي، قيمتن ۾ واڌ سان ظاهر آهي ملڪ تي معاشي دهشتگرد مڙهيل آهي. تفصيل…

حڪومت جو عوام کي عيد تي مهانگائي جو تحفو، پيٽرول 4 رپيا 26 پئسا مهانگو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت عيد کان اڳ عوام تي هڪ ٻيو مهانگائي بم ڪيرائيندي تيل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ناڻي وزارت جي بيان موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 4 رپيا 26 پئسا ليٽر  اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽرول جو نئون اگهه 112 رپيا 68 پئسا ليٽر ٿي…

نالائق ۽ ووٽ چور حڪومت عوام تي مڙهي ويندي ته روز بري خبر ئي ملندي: مريم اورنگزيب

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پئٽرول جو 4 رپيا 26 پئسا مهانگو ٿيڻ نالائق ۽ نااهل وزيراعظم جي ايڊوانس عيدي جي قسط آهي. پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ تي مريم اورنگزيب پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته جڏهن ته…

پيڙهيل عوام وفاق طرفان ٻئي تحفي لاءِ تيار ٿي وڃي….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. تفصيل موجب عيد تي حڪومت طرفان عوام کي مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ملڻ وارو آهي ۽ پهرين جون کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان…

رپورٽ: ڀٽ شاهه: قومي شاهراهه تي پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينڪر ڪلٽي، ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو

ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي 44 هزار ليٽر پيٽرول سان ڀريل آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پيو جڏهن تھ ڪوبھ جاني نقصان نھ ٿيو آهي. موٽر وي ۽ هالا ڀٽ شاهه پوليس بروقت پهچي روڊ کي بند ڪرايو ۽ فائر برگيڊ عملو بـه طلب ڪيو ويو.  پوليس روڊ جو هڪ حصو بند…

پيٽرول اگهن ۾ واڌ؛ 108 رپيا في ليٽر مقرر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽرول جو اگھه 108 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پيٽرول جي اگھ ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي.…

پهرين مئي کان عوام تي مهانگائيءَ جو جبل ڪيرائڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اوگرا پهرين مئي کان پيٽرول 14 رپيا 37 پئسا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جڏهن ته…