ماءُ جو علامتي خط، کنڀيل وجود ۽” امڙين جو عالمي ڏينهن“

رزاق عاصي

آئون پنهنجي عالمي ڏڻ تي منهنجي ئي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ رياست جي ترجمان سان مخاطب ٿيڻ جي انڪري ڪري جرئت ڪئي آهي ته ته جڏهن آئون هڪ ڌيءَ هئس ته مونکي امان ٻڌايو ته رياست ماءُ هوندي آهي، پر اڄ جڏهن آئون ماءُ آهيان ته منهنجي ممتا درد جي تصوير بڻيل آهي، اڄ منهنجي اکين جي روشنائي گهٽجي وئي آهي، ڪنن ۾ هاڻ ٻڌڻ جي سگهه به ناهي رهي، پر ڪالهه مونکي ڪنهن اچي ٻڌايو آهي ته تو منهنجو درد محسوس ڪندي اهو چيو آهي، ” ته اسان جي دل سمورن گم ٿيلن جي وارثن سان گڏ ڌڙڪندي آهي“ آئون ڪيئن سمجهان ته تنهنجي دل منهنجو درد محسوس ڪري منهنجي دل سان ڌڙڪي رهي آهي. ڇو جو مون پنهنجي  پوڙهائپ جي سهاري کي ورهيه ٿيا آهن جو پنهنجي سيني سان لڳائي ان جو نرڙ به ناهي چميو.

تون به هڪ ماءُ جو دادلو پٽ آهين اڄ تو! اها دعويٰ ڇو ڪئي آهي ته تنهنجي دل منهنجي دل سان گڏجي ڌڙڪي ٿي. پر منهنجي دل تي هاڻ طبيبن کي به ڀروسو ناهي رهيو. منهنجي دل جبل جيڏو اوسيئڙو سانڍي شدت سان ڌڙڪي ڌڙڪي ساڻي ٿي. سور ۾ وٺجي وڃي ٿي ها اهڙو سور جيڪو عاقب چانڊيي، گلشير ٽڳڙ، صابر چانڊيي، سهيل ڀٽي، هدايت لوهار، مختيار عالماڻي شادي کوسي، حيدر کوسي، ايوب ڪانڌڙي،  انصاف دايي، نياز لاشاري سميت سموري دنيا جي کنڀيل پٽن جي مائرن جي دل ۾ وجود آهي.

منهنجي دل بلوچ مائرن شيعا مسنگ پرسنز جي امڙين جي دلين سان به گڏ ڌڙڪي پئي. ڇا ڪائنات جي انهن مائرن سان گڏ اڄ تنهنجي دل ڌڙڪندي جن تي اڄ پنهنجي ئي عالمي ڏينهن تي گلاب ڏيڻ لاءِ پٽ موجود ناهن!! ڇا جديد ميڊيا تي ڪيل تنهنجي هڪ ٽيوٽ منهنجي دل مان اٿيل جبل جيڏي آهه کي محسوس ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي، تو! ڪڏهن منهنجي اکين ۾ نهاريو ئي ناهي. ته توکي منهنجي دل ۾ دکندڙ دوزخ جو احساس ۽ اندازو ٿي ئي نٿو سگهي.  ڇو جو تنهنجي سيني ۾ منهنجي دل ناهي، ها سچ ٿي چوان ته هڪ ماءُ جي دل ناهي، منهنجي سيني تي جڏهن ليٽي ۽ منهنجي ڇاتين سان راند ڪندي جڏهن منهنجي جڳر جي ٽڪڙي منهنجي منهنجي ٿڻ کي چڪ هڻي تڪليف به ڏني ته هو تڏهن به مونکي وڻيو هو. مون ان تڪليف کي محبت سان ئي ڀيٽيو هو. تون جنهن ماءُ جو ترجمان آهين هو رڳو پنهنجو حق گهرڻ جي ننڍڙي غلطي تي پنهنجي ٻچڙي کي ايڏيون اذيتون ڏئي ٿي پئي.

تو عزادار ماءُ جي دل ۾ برپا ٿيل ماتم کي ڪڏهن ڄاتو ئي ناهي. ها تنهنجي شايد بلوچ مائرن سميت پريس ڪلبن ۽ لانگ مارچن دوران شام جي بازار جيان يرغمال ٿيندڙ ڌيئرن تي به نظر ئي نه پئي آهي. تون چوين ٿو ته تنهنجي دل منهنجي دل سان گڏجي ڌڙڪي ٿي. مان آخر ڪيئن مڃان!

خير هيءَ خط توکي ان اميد سان لکي رهي آهيان. منهنجي ويڙهي ۾ هاڻ مايوسين کان سواءِ ڪجهه به ناهي رهيو، منهنجي گهر جو اڱڻ ڪنهن خاموش شهر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. منهنجو ڪٽنب هاڻ سراپا درد بڻجي ويو آهي. مون وٽ هاڻ سواءِ ماڻهن جي مهڻن سواءِ ڪجهه به ناهي بچيو، مون کي ڏسي سرگوشين ۾ ماڻهو چون ٿا ته هن جو پٽ، هن جو ور، هن جو ڀاءُ کنڀيل آهي، هيءَ دهشتگرد آهن. اهي مِهڻا منهنجي لاءِ زندهه در گوريءَ کان به وڌيڪ اذيت ڏيندڙ آهن.

بس هاڻ زندگي تي به ڪو ڀروسو ناهي رهيو. پر آخري تنهنجي چيل انهن لفظن تي ڀروسو ڪيان ٿي ته تنهنجي دل واقعي منهنجي درد ۾ ورتل دل سان ڌڙڪي ٿي. ڇا اڄ مون کي منهنجي عالمي ڏينهن تي منهنجو کنڀيل پٽ مون کي پنهنجي پيار ۽ احترام جا گلاب ارپي سگهندو!؟ جي نه ته منهنجي لاءِ تنهنجا اهي لفظ فقط ڪوڙ کان سواءِ ٻي ڪا به معنيٰ ڪو نه رکندا. دنيا جي هر ماءُ ڪائنات جو حسين سچ آهي، خدا جي هن خوبصورت سچ سان ڳالهايل ڪوڙ ان حسين سچ جو موت آهي!!

ڪاش تنهنجي دل منهنجي دل جي درد سان گڏ ڌڙڪي سگهي!!

You might also like