سوات ايڪسپريس وي کوليو ويو، ٽورسٽ پوليس مقرر

سوات ( ويب ڊيسڪ ) سوات ايڪسپريس وي کوليو ويو آهي. سياحن لاءِ سوات ايڪسپريس وي کوليو ويو آهي جنهن سان سوات، ڪالام، ڪمراٽ ۽ دير ايندڙ سياحن کي سولائي ٿيندي. سوات ۽ اسلام آباد وچ ۾ سفر پنج ڪلاڪن کان گهٽ ٿي اڍائي ڪلاڪ رهجي ويو آهي.  سوات، بونير، شانگلا، مالا ڪنڊ، دير، چترال جي عوام کي سفري سولائي به پيدا ٿي وئي آهي. ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان عيد کان اڳ موٽروي کولڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن سوات ۾ عيد تي سياحن جي وڏي انگ ۾ آمد کي نظر ۾ رکندي ٽورسٽ پوليس اسڪواڊ مقرر ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.