پلاسٽڪ صحت لاءِ هاڃيڪار ناهي….! صحت بابت اهم خبر پڙهندا

اوتاوا (ويب ڊيسڪ) ڪجهه عرصو اڳ ئي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) سوڌو ڪجهه ٻين ملڪن جي تنظيمن طرفان ڪيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته هر سال دنيا جو هر بالغ شخص 50 هزار پلاسٽڪ ذرڙا ڳهي رهيو آهي.

ڪئنيڊيئن ماهرن طرفان ڪيل هڪ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته انسان نه رڳو پلاسٽڪ جي ذرڙن کي خوراڪ طور ڳهي رهيو آهي پر هو ساههه کڻڻ دوران به پلاسٽڪ جي گهڻي ننڍڙن ذرڙن کي پنهنجي جسم اندر داخل ڪري رهيو آهي.

رپورٽ موجب زمين تي اهڙي ڪا به جاءِ ناهي جتي پلاسٽڪ ذرڙا موجود نه هجن، سمنڊ جي اونهائي کان وٺي سمنڊ جي ڪناري جي واري، پاڻي جي بوتل کان وٺي ڊسپوزايبل کائڻ جي پيڪيٽن ۽ رستن تي پلاسٽڪ يا ان جا ذرڙا موجود هوندا آهن.

ماهرن ماضي ۾ ٿيل 26 حقيقن جي ڊيٽا جو جائزو وٺڻ کان پوءِ ٻڌايو هو ته گھڻا ماڻهو مڇي کائڻ، پاڻي ۽ بيئر پيئڻ، پلاسٽڪ شين ۾ پيڪ ٿيل لوڻ، کنڊ ۽ مصالحا استعمال ڪرڻ دوران پلاسٽڪ جا ذرڙا پنهنجي جسم اندر داخل ڪري رهيو آهي.

صحت جي عالمي اداري به مائڪروپلاسٽڪ تي تازو ئي هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته هوا، پيئن جي پاڻي ۽ خوراڪ وارين شين ۾ پلاسٽڪ جا ذرڙا موجود هجڻ سبب مسئلا وڌي رهيا آهن.

ڊبليو ايڇ او پنهنجي رپورٽ ۾ تجويز ڏني هئي ته پلاسٽڪ جي استعمال کي ترڪ ڪري دنيا کي محفوظ بڻائي سگھجي ٿو.

صحت جي عالمي اداري ٻڌايو هو ته جيڪڏهن خوراڪ وارين شين ۽ هوا ۾ مائڪرو پلاسٽڪ جي موجودگي اهڙي ريت وڌندي رهي ته اڳتي هلي مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا.

پر هاڻ صحت جي عالمي اداري واضح ڪيو آهي ته هن وقت انسانن طرفان پلاسٽڪ جا ذرڙا ڳيهڻ سان صحت کي ڪو به مسئلو پيدا ناهي ٿي رهيو.

ڊبليو ايڇ او پنهنجي وضاحتي بيان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ياد ڏياريو آهي ته مائڪرو پلاسٽڪ کان محفوظ نه آهيون ۽ پيئڻ جي پاڻي ذريعي به پلاسٽڪ ذرڙا ڳهي رهيا آهيون.

صحت جي عالمي اداري موجب اها سٺي ڳالهه آهي ته سموري دنيا ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي حوصلا شڪني ڪئي پئي وڃي، جنهن سان تقريبن يقينن مائيڪرو پلاسٽڪ جهڙن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مد  ملندي.

ڊبليو ايڇ او وضاحت ڪئي ته خوراڪ وارين شين ۽ پلاسٽڪ جي ذرڙن تي اڃا تحقيق ٿيڻي آهي، پر موجودهه ڄاڻ ۽ هن وقت تائين ڪيل تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته هن وقت انسانن طرفان پلاسٽڪ ذرڙا ڳيهڻ جا ڪي به نقصان نه آهن.

صحت جي عالمي اداري موجب هن وقت پيئن جي پاڻي ۽ هوا سوڌو ٻين ذريعن ۾ 150 مائيڪرو ميٽرز جا پلاسٽڪ ذرڙا موجود هوندا آهن.

You might also like