نيب جي حراست ۾ جوابدارن شريف خاندان جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب جي حراست هيٺ ٻن سلطاني شاهدن ن ليگ صدر شهباز شريف ۽ سندس ٻنهي پٽن حمزا ۽ سلمان شهباز لاءِ مني لانڊرنگ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.

نيب طرفان جاري ڪيل بيان موجب جوابدارن آفتاب محمود ۽ شاهد رفيق کي ضلعي ڪچهري جي جڊيشل مئجسٽريٽ ذوالفقار باري جي روبرو پيش ڪيو ويو، جتي هنن شهباز شريف فيملي خلاف پنهنجا بيان قلمبند ڪرايا، سلطاني شاهدن جڊيشل مئجسٽريٽ لاهور جي سامهون پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا.

هنن اعتراف ڪيو ته شهباز شريف ۽ سندس پٽن جي چوڻ تي پاڪستان ۾ 24 لک ڊالرن کان وڌيڪ رقم ٽي ٽي ذريعي ٽرانسفر ڪئي وئي.

آفتاب محمود تسليم ڪيو ته هن برطانيا ۾ عثمان انٽرنيشنل نالي ڪمپني مان رقم شريف فيملي کي منتقل ڪئي.

حراست ۾ ورتل جوابدارن جو چوڻ هو ته ڪوڙن سڃاڻپ ڪارڊن ذريعي حمزا شهباز، سلمان شهباز، نصرت شهباز ۽ رابطا عمران علي جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ ٽي ٽي ذريعي رقم منتقل ڪئي وئي.

آفتاب محمود اعتراف ڪيو ته هو پنهنجي ڪزن شاهد رفيق سان گڏجي ٽي ٽيز جي مد ۾ رقم وصول ڪندو هو.

اعترافي بيان ۾ سندس چوڻ هو ته برطانيا جي ٻين ڪمپنين مان به شريف فيمليز کي ڳري رقم منتقل ڪئي پر حمزا شهباز ۽ سلمان شهباز کي بارگلي ۽ ايڇ ايس بي سي بئنڪ مان به رقم منتقل ڪئي وئي.

نيب جي جاري دستاويزن موجب ٽي ٽي ذريعي رقم جي منتقلي ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ آهي، جنهن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ حمزا شهباز، سلمان شهباز، نصرت شهباز ۽ رابطا عمران علي شامل هئا.

نيب موجب ٻئي جوابدار شاهد رفيق پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته مان سلمان شهباز جي آفيس مان رقم وٺي ٻاهرين ملڪ منتقل ڪندو هيس.

شاهد رفيق تسليم ڪيو ته هو پنهنجي ڪزن آفتاب محمود سان گڏجي ڪوڙي سڃاڻپ ذريعي رقم جي منتقلي ڪندو هو.

هن ٻڌايو ته مون وٽ ميسرز زارڪو ايڪسچينج ۽ ٽرپل اي جي فرنچائز هيون، جن مان رقم منتقل ڪئي ويندي هئي.

You might also like