سشميتا سين اشارو ڏئي ڇڏيو…!

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس سشميتا سين گھڻي عرصي کان اسڪرين تان گم هئي پر هاڻي لڳي رهيو آهي ته هوءَ هڪ ڀيرو ٻيهر واپسي لاءِ تيار آهي. هوءَ آخري ڀيرو 2010ع جي بالي ووڊ فلم ”نو پرابلم“ ۾ ڪم ڪندي نظر آئي هئي، جنهن کان پوءِ هوءَ 2015ع جي هڪ بنگالي فلم ۾ به نظر آئي هئي پر اها فلم گھڻن ماڻهن نه ڏٺي هئي. گذريل سال اها خبر سامهون آئي هئي ته اداڪارا ڪنهن نيٽ فليڪس پراجيڪٽ جو حصو بڻجي سگھي ٿي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هن حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي. پنهنجي هڪ انسٽاگرام پوسٽ ۾ سشميتا سين ڊگھي وقفي کان پوءِ واپسي جو اشارو ڏيندي لکيو آهي ته ”ميڪ اپ، هيئر، لائٽ ۽ آئينو، رائونڊ 2“ ۾ واپسي جي تياري ڪري رهي آهيان پر اداڪارا اهو نه ٻڌايو ته ڪنهن فلم يا آن لائن سيريز سان واپسي ڪري رهي آهي. سشميتا سين 1996ع ۾ فلم ”دستڪ“ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ هن وقت تائين هوءَ لڳ ڀڳ 40 فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. سشميتا پنهنجي اداڪاري جي اهليت تي فلم فيئر، آئيفا، اسٽار اسڪرين ۽ زي سني سميت ڪيترائي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا آهن. سشميتا سين 1994ع ۾ مس انڊيا جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو، جنهن پوءِ هوءِ انهيءَ سال مس يونيورس طور پڻ چونڊي وئي هئي.

You might also like