سکر پريس ڪلب جو قبضو فوري طور صحافين کي ڏنو وڃي: سپريم ڪورٽ

 

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سکر پريس ڪلب جي صحافين کي روڊ تي ويهارڻ جو نه چيو هو.

 

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ پڻ اهو فيصلو ڏنو هو ته صحافين کي متبادل جڳهه ڏني وڃي.

 

چيف جسٽس چيو ته انسانن سان سلوڪ ڪرڻ جو طريقو هوندو آهي، پريس ڪلب جو قبضو فوري طور صحافين کي ڏنو وڃي.

 

ڪيس جي ٻڌڻي هڪ مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

واضع رهي تھ سکر پريس ڪلب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي حڪم تي سيل ڪيو ويو هو.

You might also like