ڪراچي ۾ اهم روڊ ڪليئر ڪرائڻ جو حڪم نامو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ حددخلين واري ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سول، جناح، آغا خان ۽ ايس آءِ يو ٽي سميت ٻين اسپتالن جو روڊ فوري طور ڪليئر ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت جي تحريري حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايم اي جناح روڊ تي قائم خطرناڪ قرار ڏنل سي بريز عمارت ڪيرائي وڃي، ڊي جي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي شهر مان سموريون غير قانوني بلڊنگز ختم ڪرائي.

عدالتي حڪم ۾ چيو ويو آهي ته ڪڊني هل پارڪ مان غير قانوني رهائشي عمارتون ڪيرائي اهو اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، پي اينڊ ٽي ڪالوني، نيلم ڪالوني، پنجاب ڪالوني ۽ ٻين سمورن هنڌن تان غير قانوني عمارتن کي ڪيرائي وڃي.

عدالت پي آءِ اي، ڪي پي ٽي ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي زمين جو ڪمرشل استعمال فوري طور ختم ڪرائڻ ۽ ڊي ايڇ اي کي به پنهنجي حدن مان سموريون حد دخليون ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

You might also like